آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست ئي وچ اوڀر ۾ امن جي ضمانت آهي: محمد حسين محنتي

آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست ئي وچ اوڀر ۾ امن جي ضمانت آهي: محمد حسين محنتي

آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست ئي وچ اوڀر ۾ امن جي ضمانت آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻو ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته مسئله فلسطين جو ٻه رياستي حل ناقابل قبول آهي، اسرائيل هڪ قابض ۽ جارح رياست آهي، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست ئي وچ اوڀر ۾ امن جي ضمانت آهي، سامراجي طاقتن سلطنت عثمانيه جي خاتمي کان پوءِ سڄي دنيا مان يهودين کي گڏ ڪري نبين جي سرزمين فلسطين ۾ آباد ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري اُتي اسرائيل جي نالي تي اهڙي رياست جوڙي جيڪا اڄ تائين امُت مسلمه جي سيني ۾ خنجر وانگر کُتل آهي، حماس جي مزاحمت ۽ جهاد واري جذبي جي ڪري 76 سالن کان دٻيل فلسطين جو مسئلو اڄ سڄي دنيا ۾ ٻرندڙ اشو بڻجي چڪو آهي، حماس ۽ فلسطيني عوام جون قربانيون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون ۽ افغانستان مان جهڙي طرح نيٽو ۽ آمريڪي فوجون 20 سالن تائين قتل عام ڪرڻ باوجود ڀڄي نڪتيون ساڳي طرح سان اسرائيلي ظالم صهيوني فوجون به غزه ۾ عبرتناڪ شڪست کائينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت طلبه عربيه جي منتظم اعلى مولانا محمد افضل جي اڳواڻي ۾ هڪ اعلى سطحي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، وفد ۾ امين عام اعجاز الحق، چئني صوبن جا منتظمين ۽ مرڪزي شورى جا ميمبر پڻ شامل هئا. صوبائي امير وفد جي ميمبرن تي زور ڀريو ته عالم سڳورا منبر ۽ محراب ذريعي فلسطين جي مسئلي ۽ يهودي فوج جي درندگي کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فلسطين جي ٻه رياستي حل جون ڳالهيون ڪرڻ وارا اسرائيلي ايجنٽ ۽ غزه جي مظلوم مسلمانن جي زخمن تي لُوڻ ٻُرڪي رهيا آهن، حڪمران ڀلي سامراج جا ايجنٽ ۽ غلام بڻيل رهن، پر پاڪستان سميت سڄي دنيا جا مسلمان غزه جي مظلوم فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن..#