ايم ڊي اسٽيوٽا منور مٺاڻي سان پي ايڇ وي اي آر ايس وفد جي ملاقات

ايم ڊي اسٽيوٽا منور مٺاڻي سان پي ايڇ وي اي آر ايس وفد جي ملاقات

ايم ڊي اسٽيوٽا منور مٺاڻي سان پي ايڇ وي اي آر ايس وفد جي ملاقات

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر منور علي مٺياڻي سان گذريل ڏينهن پاڪستان هيٽنگ وينٽيليشن ايئر ڪنڊيشننگ ريفريجريشن سوسائٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پيش رفت کان آگاهه ڪيو ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي آگاهي ڏني ته ايسوسيئيشن آف هيٽنگ، وينٽيليشن، ايئر ڪنڊيشن ريفريجريٽر سوسائٽي، ڪراچي سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي سان گڏجي صوبي ۾ ٻارن کي جديد ٽيڪنيڪل تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڇاڪاڻ ته هي ادارو ٽيڪنيڪل تعليم جي حوالي سان صوبي جو وڏو نالو آهي. ان جو سڀ کان اهم ڪردار آهي ۽ اهو صوبي جو اهم ادارو آهي ۽ اسان جي گڏيل ڪوششن ۽ تعاون سان ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽ پاران گهرايل گهربل ادارن ۾ ٻارن کي جديد ۽ بهترين فني تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ اسين توهان جي سهڪار جي ضرورت آهي اسان جي گڏيل ڪوششن سان جيڪي ٻار تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندا اهي مستقبل ۾ سماج جا اهم فرد بڻجي ويندا. ان ٽريننگ ذريعي صوبي جا شاگرد مقامي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا، ان موقعي تي اسٽوٽا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر منور علي متاڻي وفد سان ڳالهائيندي کين يقين ڏياريو ته معاهدو تي صحيحون ڪيون وينديون. اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ملڪ ۽ صوبي جي ٻارن کي معياري ٽيڪنيڪل تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ کين فني لحاظ کان پنهنجن پيرن تي بيهن ته جيئن اهي بهتر مستقبل طرف وڌي سگهن ۽ کين مقامي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن، وفد ۾ ذيشان احمد، علي احمد، خالد منصور، محسن شفيع ۽ ٻيا شامل هئا. اسٽوٽا پاران ڊائريڪٽر ايڇ آر ذوالفقار علي جتوئي. ڊائريڪٽر PPIL ۽ M&A محمد يوسف بلوچ، ريجنل ڊاڪٽر ڪراچي عبدالغني ميمڻ، پي ايس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سعديه ڪنول پڻ موجود هئا.