مٺياڻي ڀرسان ڳوٺاڻن جي غفلت سبب سھڙا مائينر مان مليل انڌي ٻلھڻ مري وئي

مٺياڻي ڀرسان ڳوٺاڻن جي غفلت سبب سھڙا مائينر مان مليل انڌي ٻلھڻ مري وئي

مٺياڻي ڀرسان ڳوٺاڻن جي غفلت سبب سھڙا مائينر مان مليل انڌي ٻلھڻ مري وئي

نوشھروفيروز(ڊ ر) جهنگلي جيوت کاتي نوشھروفيروز جي گيم انسيڪٽر غلام مرتضي خشڪ پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪندي مٺياڻي ڀرسان سهڙا مائنر مان ملندڙ انڊس ڊولفن مڇي۔ ٻلهڻ کي ماريندڙ 4 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو۔ جنگلي جيوت کاتي مرده ڊولفن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو۔ ان موقعي تي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي گيم آفيسر اسد علي مري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اطلاع تي بروقت جهنگلي جيوت جي ٽيم جاء واردات تي پهتي پر ان کان اڳ ڳوٺاڻن ناياب نسل جي انڊس ڊولفن کي بيدردي سان ماري ڇڏيو۔ هن چيو ته جهنگلي جيوت کاتو هر جاندار جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاء جدوجهد ڪري رهيو آھي انڊس ڊولفن ٻلهڻ کي ماريندڙ 4 ماڻهڻ مختيار۔ امير۔ منصور سولنگي۔ خير محمد ملاح تي ڪيس داخل ڪيو آھي جنهن خلاف کاتي جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي۔ جڏهن مرده حالت ۾ پيل انڊس ڊولفن کي سڀاڻي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو۔ ان موقعي تي شمس الدين کوسو۔ بهادر علي خاصخيلي۔ پرويز ڀرٽ۔ لياقت وڳڻ پڻ ٽيم سان گڏ هيا۔