اياز لطيف پليجي سان ايڊووڪيٽ مير کوسو جي ملاقات، قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت

اياز لطيف پليجي سان ايڊووڪيٽ مير کوسو جي ملاقات، قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت

اياز لطيف پليجي سان ايڊووڪيٽ مير کوسو جي ملاقات، قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت

حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سان دادو جي سياسي اڳواڻ ۽ نوجوان تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي عھديدار ايڊوڪيٽ مير کوسو ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. اياز لطيف پليجي شموليت ڪندڙ مير کوسي کي ڀليڪار ڪيو ۽ کيس دادو ضلعي جي سياسي سرگرمين جي اڳواڻي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طبقي ۽ طاقتور ماڻھن لاءِ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي ۽ غريب ماڻھن، پورھيتن، ھارين لاءِ سنڌ ۾ وک وک تي پنجوڙ آھن، انھن لاءِ نہ پيئڻ جو صاف پاڻي آھي، نہ تعليم، نہ صحت، نہ روزگار ۽ نه ئي قانون يا انصاف آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪارو ڪاري ۽ ٻيا ڪوڙا الزام هڻي معصوم نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون. ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. نصاب ۾ سائنس ۽ تاريخ ناهي. سنڌ جي پرائمري تعليم تباھ آهي۔ سنڌ جي ماڻهن کي ايڇ آء وي، هيپاٽائٽس، ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي ور چاڙهيو ويو آهي. ڊرينيج جو گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي جي لائينن ۾ شامل آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ بہ ڪرپشن آهي پر سنڌ ۾ سئو سيڪڙو ڪرپشن آهي. پنجاب ۾ افغانين جي نيڪالي لاء آپريشن ڪيو پيو وڃي پر سنڌ ۾ انتظاميہ خاموش تماشائي بڻيل آھي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ويٺل نوجوان سي ايس ايس ذريعي تعليم جي ميدان ۾ مقابلي لاء اچي رهيا آهن پر پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل ڪرپٽ مافيا ڪروڙين روپيا رشوت وٺي نوڪريون وڪڻي رھي آھي. ننڍي عمر جي شادي، زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف عملي قدم کنيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اوورسيز تنظيمون ڪرپشن تي ڳالهائين. ذاتي تعلقاتن جي ڪري خاموش نہ ويهو. ڪرپٽ ماڻهو سنڌين جا دشمن آهن. سنڌين کي هيومن رائيٽس لاء وڙهڻون پوندو. سنڌي نوجوان وفاقي نوڪرين لاء اسلام آباد ۽ لاهور وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي موت جو گھر بنائي ڇڏيو آھي۔ تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، زراعت ۽ ٻيا قدرتي وسيلا مال غنيمت ڪري لٽيا پيا وڃن۔ نوڪريون ميريٽ تي ڏيڻ بدران نيلام ڪيون وڃن ٿيون۔ سفارش جي ڪلچر ميريٽ کي تباھ ڪيو آھي۔ جيڪي صنعتي ادارا موجود آھن انھن ۾ مالھي ۽ پيش امام بہ ٻاھر جو رکيو وڃي ٿو، زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪرڻ سبب غربت وڌي آھي۔ ھاري ۽ آبادگار کان وٺي مزدور تائين لکين عوام بدحالي جو شڪار ٿيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙ حڪمران پنھنجي ڪارڪردگي جي تصوير صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ ۾ ڏسن، جنھن ۾ سنڌ ۾ ماڻھو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگين جا ڏيئا اجھائي رھيا آھن۔ سنڌ ۾ ماڻھو حڪمرانن جي بي حسي ۽ ڪرپشن جي ڪري آپگھات ڪري رھيا آھن۔ عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن۔ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ دروازا بند ڪرڻ ائين آھي جيئن لاھور ۾ سڄي دنيا کي پڙھڻ ڏنو وڃي پر پنجاب جي نوجوانن لاءِ دروازا بند ھجن. جيئن پشاور ۾ پشتون نوجوانن لاءِ دروازا بند ھجن ۽ ڪوئيٽا ۾ بلوچ نوجوانن جا دروازا بند ڪري ڇڏجن. ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن کي پڙھڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگھي. سنڌ دشمن پاليسين کي نٿا مڃون. اياز لطيف پليجي چيو تہ مزدور، ھاري ۽ غريب عوام کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت وٽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاء ڪو پروگرام ئي ناھي۔ ھن چيو ته حڪمران سنڌ کي لٽڻ ۽ تباھ ڪرڻ بند ڪن۔ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ محمود رخشاڻي، شوڪت تنيو، ساٿي مصطفي نظاماڻي خادم سمون، سومر چانڊيو، عنايت لاشاري، شوڪت سريوال، رفيق ڪنراڻي، عذير ڪنڀر، غلام نبي سومرو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.