سجاول جو ٽائون چيئرمين شھرين جامسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان

وارڊ نمبر يارنھن ۽ وارڊ نمبر پنج جي گھٽين ۾ سليپ ٺھي رھيا آھن: ٽائون چيئرمين

سجاول جو ٽائون چيئرمين شھرين جامسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان

سجاول (رپورٽر) ٽائون ڪميٽي چيئرمين سيد آفتاب حسين شاهه شيرازي شھرين سان ڪيل واعدا وفا ٿيڻ لڳا , شھر ۾ ٽٽل گٽرن جا سليپ ٺھرائڻ سان گڏوگڏ شھرين کي مڪمل سھولتون فراهم ڪرڻ منھنجو فرض آھي جتي جتي سليپ ٽٽل آھن انھن کي ٺھرايو ويندو، وارڊ نمبر يارنھن ۽ وارڊ نمبر پنج جي گلين ۾ سليپ ٺھي رھيا آھن ٻين وارڊن جي گلين ۾ سليپن جو ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو چيئرمين سيد آفتاب حسين شاهه شيرازي، خبر موجب: سجاول شھر ۾ گٽرن جا سليپ ڪافي عرصي کان ٽٽل ھئا شھرين جون شڪايتون ھيون جنھن کي ٽائون ڪميٽي چيئرمين آفتاب شاھ شيرازي نوٽيس وٺي ٽٽل سليپ ٺھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو اھو واعدو شھرين سان وفا ٿي ويو ۽ شھر جا مختلف ھنڌن تي ٽٽل سليپ ٺھرايا وڃن پيا جنھن ۾ وارڊ نمبر يارنھن ۽ وارڊ نمبر پنج جي نواز علي شاھ محلي جو گٽر سليپ ٺھرايو ويو آهي انھيءَ موقعي تي نواز علي شاھ محلي جي رھواسي فقير گلزارکٽي،غلام مصطفي شاھ، چيو آهي ته اسان چئرمين ٽائون ڪميٽي سجاول سيد آفتاب حسين شاهه شيرازي ۽ ڪائونسلر سنيل ڪمار،شھزاد شاھ بخاري،مولوي حسن کي ڪافي ڀيرا سليپ جون شڪايتون ڪيون ھيون جنھن تي چيرمين ٽائون ڪاميٽي سجاول سيد آفتاب حسين شاهه شيرازي اسان کي يقين ڏياريو ته ڪجھ ڏينهن ۾ سليپ ٺھرايو ويندو چيرمين ٽائون ڪميٽي سجاول سيد آفتاب حسين شاهه شيرازي اسان سان ڪيل واعدو وفا ڪيو آهي اسان سندس ٿورائتا آهيون جن اھو سليپ ٺھرائي اسان کي ڪافي مشڪلاتن کان بچايو ھن سليپ ٽٽڻ سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙن جو گذرڻ مشڪل ھو ڪيترائي ماڻھو ھن ۾ ڪريا ھئا ھاڻي سليپ ٺھي چڪو آھي،ٻيا سليپ شھر جا ٽٽل آھن اسان کي يقين آهي آھي به ٺھي وينداانھن چيو ته چئيرمين ٽائون ڪميٽي سجاول پنھنجي والد سيد اڪرم شاھ شيرازي وانگر شھرين کي سھولتون مھيا ڪري رھيو آھي ۽ اسان کي يقين آهي ته سجاول شھر جا تمام مسئلا جلد حل ٿي ويندا.چئرمين ٽائون ڪميٽي سجاول سيد آفتاب حسين شاهه شيرازي چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي اسان عوامي ماڻھو آھيون اسان عوام سان ھر وقت گڏ آھيون مخالف ڀلي اسان جي مخالف ڪن اسان تي فرق نٿو پوي اسان عوام جي خدمت ڪندا رھنداسين،