مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پاڻيءَ بابت جديد تحقيق جي حوالي سان قائم مرڪز ۾ سيمينار

صنعتن مان خارج ٿيندڙ ٻاڙو ۽ گدلو پاڻي صاف ڪري ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي منھن ڏيئي سگھجي ٿو: تحقيقي ماھر

مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پاڻيءَ بابت جديد تحقيق جي حوالي سان قائم مرڪز ۾ سيمينار

ڄامشورو (رپورٽر) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي پاڻيءَ بابت جديد تحقيق جي حوالي سان قائم مرڪز ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. جنھن ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي گرانٽ سان شروع ڪيل تحقيقي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻيءَ تي حاصل نتيجن بابت عوامي آگاھي ڏني وئي. ان موقعي تي ڪپڙي جي صنعت، کاڌ خوراڪ جي صنعت، زراعت کاتو، سنڌ جي ماحولياتي تحفظ جي لاءِ قائم اداري جي نمائندن سميت سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي مختلف شعبن جي تحقيقي ماھرن، نوجوان محققن ۽ ماحوليات جي شعبي سان لاڳاپيل شاگردن شرڪت ڪئي. ھن سيمينار ۾ ٽن تحقيقي منصوبن بابت پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مھر، پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران انصاري ۽ ڊاڪٽر تنوير گاڏھي تفصيلي ڄاڻ ڏني. ڊاڪٽر تنوير گاڏھي ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو آھي تہ پاڪستان جي صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ گھڻي ڀاڱي پاڻي ٻاڙو ۽ گدلو چئي ضايع ڪيو وڃي ٿو. مھراڻ يونيورسٽيءَ جي تحقيق وسيلي تيار ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ڪپڙي ۽ ڪيميائي صنعتن مان خارج ٿيندڙ گدلو ۽ ٻاڙو پاڻي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سيمينار ۾ ان ٽيڪنالاجيءَ کي توانائيءَ طور جنريٽر، ٽربائين ۽ بوائلر مان خارج ٿيندڙ گرمي پد سان ھلائڻ جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. ھڪ ٻئي پراجيڪٽ ۾ مختلف صنعتن مان خارج ٿيندڙ گدلي پاڻيءَ کي وٿاڻ جي ڀاڻ سان ملائي بايو گئس يا فرٽيلائيزر ٺاھڻ جو طريقو ٻڌايو ويو. ان حوالي سان پڻ مھراڻ يونيورسٽي پاران ٿيندڙ سائنسي تحقيق جو طريقيڪار ۽ انھن مان حاصل ٿيندڙ نتيجن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. ماھرن جو چوڻ آھي تہ مھراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر ۾ ھلندڙ تحقيقي منصوبي تحت سنڌو درياء جي پاڻيءَ جي ڪوالٽي مانٽيرنگ پڻ ٿي رھي آھي. ٽن سالن تي مشتمل ھن منصوبي دوران مختلف بئراجن، بندن، ڪئنالن ۽ ڊيمن تان نمونا حاصل ڪيا ويندا تہ جيئن درياء جي پاڻيءَ ۾ موجود گدلاڻ ۽ صحت لاءِ ھاڃيڪار جزن بابت سائنسي ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ۽ انھن جي خاتمي لاءِ اُپاء وٺڻ بابت سفارشون تجويز ڪري سگھجن. ان کان اڳ مھراڻ يونيورسٽي واٽر سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪامران انصاريءَ اداري جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبہ بنديءَ متعلق بريفنگ ڏيندي ان ڳالھ جو اظھار ڪيو تہ تدريسي ۽ تحقيقي ادارن جو مسئلن جي حل بابت سفارشون تجويز ڪرڻ آھي. پوءِ اھو حڪومتي ادارن ۽ لاڳاپيل صنعتن جو گڏيل فرض ٿئي ٿو تہ ھن سائنسي تحقيق مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن. سيمينار کي الرحيم ٽيڪسٽائيل جي عرفان انصاري ۽ گرين ٽيڪ ٽيڪنالاجيز جي ڊاڪٽر طاھر محمود خطاب ڪندي مھراڻ يونيورسٽي جي تحقيقي ڪم کي ساراھيو ۽ ان ڳالھ جو اظھار ڪيو تہ اسانجي سائنسي ماھرن ۾ معياري تحقيق وسيلي مسئلن جو حل ڪڍڻ جي صلاحيت موجود آھي جنھن جي آڌار تي روشن مستقبل جون راھون متعين ڪري سگھجن ٿيون. ان ڏس ۾ حڪومتي سطح تي سرپرستي وقت جي اھم ترين ضرورت آھي. سيمينار جي پڄاڻيءَ تي محققن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفيڪيٽس پڻ ورھايون ويون.