هٽڙي جي ڳوٺ ساٿي ملاح ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, نوجوان مارجي ويو

ڪامران ملاح کي زبير ملاح ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو: مقتول جو سئوٽ جاويد ملاح

هٽڙي جي ڳوٺ ساٿي ملاح ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, نوجوان مارجي ويو

حيدرآباد: هٽڙي جي ڳوٺ ساٿي ملاح ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, چاقو لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو
پوليس جو چوڻ آھي تھ مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 17 ورهين جي ڪامران ملاح پٽ شفيع ملاح طور ٿي آهي
اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ پوليس نه پهتي جنهن ڪري چاقو لڳڻ سبب مرڻينگ ٿيل نوجوان اسپتال نيئندي تڙپي تڙپي فوت ٿيو
مقتول جي سئوٽ جاويد ملاح جو چوڻ آھي تھ ڪامران ملاح کي زبير ملاح ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو
مقتول نوجوان مال جي واڙي تي ڪم ڪار ڪندو هو ڪجه عرصو اڳ حملي آور ڌر سان ناري واري معاملي تي تڪرار شروع ٿيو
ذريعن موجب مقتول جي وڏي ڀاءِ پسند جو پرڻو ڪيو هو ۽ پلاند ۾ سندس ننڍي ڀاءِ کي قتل ڪيو ويو آهي
هٽڙي پوليس چيو تھ واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو آهي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو
جهيڙي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي