خادمين سنڌ فائونڊيشن مستحقن جي مدد لاءِ اڳڀري

گمبٽ جي معذور کي الله ڏني ڀٽي کي ويل چيئر ڏني وئي

خادمين سنڌ فائونڊيشن مستحقن جي مدد لاءِ اڳڀري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خادمين سنڌ فائونڊيشن جي چيئرمين ارشد عباسي چيو آھي ته ھن دنيا ۾ اڄ به انسانيت سان پيار ڪندڙ ماڻھو رھن ٿا جيڪي ٻين جي درد کي پنھنجو درد سمجھن ٿا پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ارشد عباسي جو چوڻ ھو ته ضلعي خيرپور ميرس جي شھر گمبٽ جي رھواسي پورھيت الله ڏني ڀٽي ويل سائيڪل جي ڏيارڻ جي اپيل واري پوسٽ رکي ھئي جيڪي وائرل ٿيڻ ۽ خادمين سنڌ فائونڊيشن جي اپيل تي انسانيت جو درد رکندڙ الطاف احمد شيخ پنھنجي مرحوم پٽ محمد انس شيخ جي مغفرت سمجھي ان جي روح کي ثواب پھچائڻ لاء سائيڪل وٺي ڏيڻ جو بندوبست ڪري سائيڪل خادمين سنڌ فائونڊيشن حوالي ڪري ڇڏي جيڪي امانت سمجھي پورھيت الله ڏني ڀٽي حوالي ڪئي وئي ھن چيو ته اڄ به دنيا ۾ انسانيت جو درد رکندڙ ماڻھو رھن ٿا جيڪي بنا جنھن ذات پات رنگ ۽ نسل جي غريب ۽ بي سھارا ماڻھن جي خدمت ڪري دلي سڪون حاصل ڪن ٿا ارشد عباسي چيو ته ھو وس وارن کي اپيل ڪن ٿا ته خير جي ڪم پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غريب ۽ بي پھنچ ماڻھن جي مدد ٿي سگھي خادمين سنڌ فائونڊيشن جي سربراھ ارشد عباسي چيو ته غريب ۽ سفيد پوش ماڻھن جي مدد ڪرڻ لاء ھيٺ نمبر ڏنو ويو آھي جنھن تي رابطو ڪري انھن ماڻھن جي مدد ڪري سگھجي ٿي