ڏيئي ۾ شهرين جو شاگردن سميت پاڻي جي فراهمي بند هئڻ خلاف احتجاج

شھر واسين ۽ مدرسي جي معصوم شاگردن پاران پبلڪ هيلٿ خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو

ڏيئي ۾ شهرين جو شاگردن سميت پاڻي جي فراهمي بند هئڻ خلاف احتجاج

ڏيئي:ڏيئي شھر ۾ پبلڪ هيلٿ بدين جي نااهلي سبب واٽر سپلائي جي مين لائين ڪيترن ئي ڏينھن کان خراب ٿيڻ ڪري پاڻي جي فراھمي بند, ڏيئي شھر واسين ۽ مدرسي جي معصوم شاگردن پاران پبلڪ هيلٿ خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو ويو, احتجاج ڪندڙن امام جامع مسجد فاروقيه مولوي عبدالڪريم شورو, مولوي اسماعيل خاصخيلي, عبدالرشيد شورو, شمس الرحمٰن خاصخيلي ۽ وڏي تعداد ۾ مدرسي جي ٻارڙن پبلڪ هيلٿ بدين خلاف سخت نعاريبازي ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڏيئي شھر جو واٽر سپلائي ڪافي ڏينھن کان خراب آھي مگر هن اهم مسئلي تي ضلعي بدين جو لاڳاپيل ڪوبه آفيسر ٻڌڻ ۽ مسئلو هل ڪرڻ لاء تيار ناهي, هن واٽر سپلائي جي لائينن جا پائيپ مڪمل ختم ٿي ويا آھن جنھن ڪري شھر اندر ڪافي پاڙن ۾ صحيح طرح پاڻي نٿو پھچي ۽ نه ئي هن جو ڪڏهن ڪم ٿيو آھي جڏهن به واٽرسپلائي خراب ٿئي ٿو ته ڪيترا ڏينھن اسان کي دانھون ڪرڻيون پون ٿيون مگر پبلڪ هيلٿ بدين جو ايس ڊي او ٻڌڻ لاء تيار ئي ناهي هوندو جيڪي به ڪم ٿيندا آھن اهي سمورا ڪم جڳاڙ تعت ڪيا ويندا آھن ۽ وڏا وڏا بل ٺاهي پبلڪ هيلٿ جي بجيٽ ھڙپ ڪئي وڃي ٿي, اسان ڏيئي واسين جو پاڻي وڏو اهم زريعو آھي, هنن نگران حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين عبدالفتاح ھليو کان مطالبو ڪندي چيو ته پبلڪ هيلٿ جي نااهل ايس ڊي او کي هٽائي ڪو اهل آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اسان سميت بدين جي ماڻھن جا ڪم ٿي سگھن ۽ پرشاني ختم ٿي سگھي