فلسطين ڪانفرنس، جماعت اسلامي سنڌ جي امير جي سياسي اڳواڻن سان ملاقات

اسرائيل جي درندگي سان معصوم ٻار، عورتون ۽ اسپتالون توڙي اسڪول به محفوظ ڪونه آهن: محمد حسين محنتي

فلسطين ڪانفرنس،  جماعت اسلامي سنڌ جي امير جي سياسي اڳواڻن سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته يهودي رياست اسرائيل فلسطين جي علائقي غزه تي قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، پر مسلم حڪمرانن جي بي حسي افسوس ناڪ عمل آهي، اسرائيل جي درندگي سان معصوم ٻار، عورتون ۽ اسپتالون توڙي اسڪول به محفوظ ڪونه آهن جنهن تي عالمي ضمير ۽ انساني حقن جي ادارن جي خاموشي شرمناڪ عمل آهي، او آءِ سي سميت مسلم حڪمرانن توڙي عالمي ضمير کي فلسطينين جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته تاريخ کين هرگز معاف ڪونه ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مجلس وحدت مسلمين جي صوبائي صدر علامه سيد باقر عباس زيدي، جماعت غربا اهلحديث جي مولانا پروفيسر حافظ محمد سلفي ۽ شيعه علماءَ ڪونسل جي سيد ناظر عباس نقوي سان ملاقات دوران ڪيو. صوبائي امير اڳواڻن کي جماعت اسلامي پاران 19 آڪٽوبر تي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ جي صدارت هيٺ قباء آڊيٽوريم ۾ غزه جي صورتحال تي ٿيندڙ “ فلسطين ڪانفرنس” ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، علامه باقر زيدي فلسطين ڪانفرنس کي بروقت قدم قرار ڏيندي چيو ته اسرائيل غزه ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن جون سڀئي حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، پر پنهنجي سموري فرعوني طاقت باوجود فلسطيني عوام جي شوق شهادت واري جذبي کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. شيعه علماءَ ڪونسل جي مرڪزي اڳواڻ علامه ناظر عباس نقوي چيو ته امريڪا شيطان جي سرپرستي ۾ يهودي رياست غزه ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، پر مسلم حڪمران بي حسي جي تصوير بڻيل آهن، الله جي مدد فلسطيني عوام گڏ آهي ۽ شڪست اسرائيل جي مقدر ۾ لکجي چڪي آهي. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ۽ مجلس وحدت مسلمين جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.