سکر ۾ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 66ھين ڏينھن بھ احتجاج جاري

احتجاجي ڪيمپ تي اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد شاھھ، سيد فرخ شاھھ ۽ جيالا بھ شريڪ ٿيا

سکر ۾ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 66ھين ڏينھن بھ احتجاج جاري

سکر(زوھيب سمون ) سکرشهيد صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف نه ٿيو 66 ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي دعوائن باوجود مک قاتل گرفتار نه ٿيا سکر يونين آف جرنلسٽس پاران سکر ۾ شهيد ڪيل صحافي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي وئي آهي 66هين ڏينهن به سکر پريس ڪلب ٻاهران ايس يو جئ صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي بک هڙتال جاري رکي قاتلن جي گرفتاري ۽ شهيد جي خون سان انصاف انصاف لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي بک ھڙتالي ڪيمپ تي شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاء اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ اڳوڻو پ پ ايم پي اي سيد فرخ شاھ ۽ پ پ جا جيالا ڪارڪن ب احتاج ۾ شريڪ ان موقعي تي سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي جاويد جتوئي، انس گهانگهرو ،عمر سومرو ،جلال الدين ڀيو، شوڪت راهي،جميل مغل، سحرش کوکر، بخش علي ڦلپوٽو ۽ ٻيا موجود هئا صحافي اڳواڻن چيو ته جڏهن سنڌ حڪومت جا وزير ۽ آئي جي سنڌ پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ خاطري ڪرائي ان تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ ڇا بچو، ڌاڙيل ايترا طاقتور بڻايا ويا آهن جو پوليس اهلڪارن کي ڪچي جي پوسٽن تان اغوا ڪيو ٿو وڃي پر سنڌ پوليس لاچار بڻيل آهي