موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ تاريخي قبرستان تي مبينا قبضو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڳوٺاڻن اعجاز ساريو، هادي بخش چوهاڻ، منير احمد ماڇي،حاڪم ماڇي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ تاريخي قبرستان تي مبينا قبضو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

موهن جو دڙو(معشوق مشوري) موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي ۾ تاريخي قبرستان تي بااثر ماڻهن قبضو ڪري قبرستان جي ايراضي تي غير قانوني گهرن جي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي. اهڙي عمل تي ڳوٺ جا ڪجهہ معزز ماڻهو کين اهڙي عمل کان روڪڻ پهتا تہ ڳوٺاڻن موجب قبضيدار بااثر ماڻهن سندن مٿان حملو ڪري ڏنو. جنهن تي هنن پوليس کي اطلاع ڪيو. هوڏانهن ڳوٺ جي معزز ماڻهن اعجاز ساريو، هادي بخش چوهاڻ، منير احمد ماڇي،حاڪم ماڇي ۽ حافظ راشد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن موهن جو دڙو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو تہ ٻلهڙيجي ۾ ڏيڊ صدي پراڻو قبرستان آهي جنهن جي 5 ايڪڙن تي ابڙا برادري جا ڪجهہ بااثر ماڻهو قبضو ڪرڻ لاء پڪن گهرنبجي اڏاور شروع ڪري ڏني آهي. جنهن تي هنن قبرستان جو تقدس بحال ڪرڻ لاء قبضيدارن کي روڪيو تہ هنن حملو ڪري ڏنو. ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي تہ نوٽيس وٺي قبرستان تان قبضو ڇڏائي تقدس بحال ڪري قبرستان کي چوديواري ڏياري وڃي.