اسان سڀ سرڪاري وسيلن جا امين آهيون، عوام جا مسئلا حل ڪنداسين:طارق عزيز

اسپري مھم سان صحت مند ۽ صاف سٿرو ماحول گڏاپ ٽائون جي عوام کي فراهم ڪري سگهجي:ٽائون چيئرمين

اسان سڀ سرڪاري وسيلن جا امين آهيون، عوام جا مسئلا حل ڪنداسين:طارق عزيز

ڪراچي()ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو آهي ته اسان سڀ سرڪاري وسيلن جا امين آهيون سو سيڪڙو عمل ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي ته پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي نه ڪنداسين، اسان جي پارٽي جو منشور آهي عوام جا وسيلا انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ لڳائينداسين جنهن تي اسان جو گڏاپ ٽائون سختي سان عمل پيراآهي جيئن ته گڏاپ ٽائون ۾ مڇر، مکين، ڊينگي ۽ ٻين جيتن جي خاتمي جي لاء جراثيم ڪش دوائن جي اسپري مهم جو آغاز ڪيو پيو وڃي ته جيئن صحت مند ۽ صاف سٿرو ماحول گڏاپ ٽائون جي عوام کي فراهم ڪري سگهجي، گڏاپ ٽائون جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ ڊائريڪٽر سينيٽيشن اشرف بلوچ ۽ ٻين آفيسرن افضل لغاري، شفيع بلوچ کي هدايٿ ڏني ته گڏاپ ٽائون جي سمورين يوسيز ۾ اسپري مهم کي پنهنجي نگراني ۾ ڪرايو وڃي ته جيئن انهن حشرات الارض جي پيدائش ۽ افزائش کي ڪنٽرول ڪري سگهجي، ان موقعي تي وائس چيئرمين ڄام محمد جوکيو، ميونسپل ڪمشنر احمد يار، ناڻي جو آفيسر افتخار دايو، پارلياماني ليڊر ميمبر ڪائونسل مير عباس ٽالپر ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا.