اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ٻي ورسي ملھائي وئي، کيس شاندار ڀيٽا پيش

ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد پاران ورسي ملھائي وئي

اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ٻي ورسي ملھائي وئي، کيس شاندار ڀيٽا پيش

اسلام آباد (پ ر) ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد پاران ٻي ورسي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي . محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب جي ٻي ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ پاڪستان جي قوم لاءِ ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس مزار شريف تي خصوصي تقريب ڪوٺائي وئي. ڊائريڪٽر اسڪالر شپ پروگرام ناصر اقبال صاحب جي خاص درخواست تي ڊاڪٽر دينا خان (دختر محسن پاڪستان) چيئرپرسن ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليجز ۽ سندس خاندان شرڪت ڪئي. شاگردن جي پريڊ جي دستي ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب جي مزار تي سلامي ڏني ۽ مهمانن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي بلندي درجات لاءِ دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي ڊاڪٽر دينا خان ٻارن جي ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب سان خاص محبت کي ساراهيو ۽ اسڪالر شپ پروگرام جي ڊائريڪٽر ناصر اقبال صاحب جو به شڪريو ادا ڪيو ته هو پنهنجي والد جي مزار تي ٻارن سان ڳالهائيندي محترمه دينا خان چيو ته اوهان سان منهنجي والد صاحب ۽ مننهنجي خاص محبت آهي ۽ انشاءَ الله اوهان سان جلد ڪيمپس ۾ ملاقات ٿيندي. ڊائريڪٽر اسڪالر شپ پروگرام ناصر اقبال ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زاهد محمود مهمانن کي خصوصي دعائن سان رخصت ڪيو.