سيڪٽر 16اي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن 35 ورهين جي غلام علي کي قتل ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ سيڪٽر 16-اي اندر ڏينهن ڏٺي جو اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي حملو ڪري 35 ورهين جو غلام علي ولد محمد يوسف قتل ڪري ڇڏيو پوليس موجب مقتول تي ٽن اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو واقعي کان پوءِ لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس جي ابتدائي جاچ موجب واقعو بظاهر گهريلو تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو پر حتمي نتيجو مڪمل جاچ ۽ ثبوتن جي روشني ۾ ئي سامهون ايندو ٻئي طرف مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽن هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري غلام علي کي قتل ڪيو. وارثن الزام هنيو آهي ته واقعي کان پوءِ مقتول جي زال پنهنجو 9 ورهين جو پٽ علي حيدر واقعي واري هنڌ تي ڇڏي، مبينا طور جوابدارن سان گڏ موٽر سائيڪل تي رواني ٿي وئي پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي الزامن سميت واقعي جي هر پهلو کان جاچ ڪئي پئي وڃي. جاچ آفيسرن موجب شاهدين، فرانزڪ رپورٽن ۽ ٻين ثبوتن جي بنياد تي اصل حقيقتون سامهون آنديون وينديون ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے