English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
126 views
|
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ ۽ ان جي ڀر پاسن وارن علائقن جي 42 ڳوٺن کي پاڻي فراهم ڪندڙ اهم "بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم" جي مين لائن مان غير قانوني ڪنيڪشن ۽ پاڻي چوري جو وڏو انڪشاف ٿيو آهي جنهن سبب گذريل ٻن مهينن کان علائقي جا هزارين رهواسي سخت پريشان آهن علائقي جي سماجي اڳواڻن ظفر حميد جي اڳواڻي اطلاع تي پهچي صورتحال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته هن پاڻي جي مين لائن مان غير قانوني طور تي 3، 3 انچن جا ٻه ڪنيڪشن مجموعي طور 6 انچ قطر جو پاڻي چوري ڪيو پئي ويو. هي پاڻي روڊ ڪراس ڪرائي بورنگ ذريعي هڪ خانگي فارم هائوس ۽ چيڪو جي باغن ڏانهن منتقل ڪيو پئي ويو، جتي جانورن جي گاهه ۽ ڊيري فارمنگ لاءِ سرعام پاڻي استعمال ٿي رهيو آهي رهواسين جا اهم مطالبو ڪندي چيو اهي ته هو گذريل ٻن مهينن کان پاڻي نه ملڻ ڪري سخت پريشان هئا ۽ اڄ کين معلوم ٿيو آهي ته کين حصي جو پاڻي ڪٿي چوري ٿي رهيو هو موقعي تي چوڪيدار پڻ موجود هجڻ جي باوجود اها چوري جاري هئي، جنهن تي علائقي واسين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيورهواسين پبلڪ هيلٿ منسٽر ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي چوري ڪندڙن ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري طور تي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي گڏيل جدوجهد جو سڏ: هنن چيو ته هي ڪنهن هڪ شخص جو مسئلو ناهي، پر گڏاپ جي سڀني رهواسين کي گڏجي هن پاڻي چوري خلاف آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪرائي سگهجن علائقي واسين آخر ۾ انتظاميا تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان هاڻي به پنهنجي حقن لاءِ نه جاڳنداسين ته پوءِ ڪڏهن جاڳنداسين؟ هنن وس وارن کان فوري طور تي انڪوائري ۽ ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ کے نوابوں سے پنجاب کی ترقی ہضم نہیں ہو رہی: عظمیٰ بخاری
23rd Jul 2026
•
شوبز
’’ہمارے نوجوان بھارت کے روشن مستقبل کے لیے لڑ رہے ہیں‘‘ سلمان، عالیہ اور دیگر فنکاروں نے طلبہ کی حمایت کر دی
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت مان واپسي دوران پيرسن قتل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مڪلي ويجهو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن جو افتتاح
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل
0 تبصرے