English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي: پليجو
170 views
|
06th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ 8 آڪٽوبر تي جلسي جون تياريون جاري
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ پاران مھانگائي، ڪرپشن ،سنڌ جي زمينن تي قبضن، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ،زرعي تباھي،ڪوڙي آدمشماري ،ڌاڙيل راڄ ،نياڻي ۽ صحافين جي قتل، ميرٽ جي تباھي، وسيلن جي نيلامي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد جي باء پاس وٽ سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسي عام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد جي آس پاس وارن علائقن جا دورا ڪري دعوت ڏنيون، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو رفيق ڪنراڻي حيدرآباد جي صحافين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون. سڄي سنڌ ۾ پنج لک کان مٿي ھينڊ بل ورھايا ويا آهن، قاسم آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جھنڊن ۽ وال پوسٽرن سان سينگاري ويو آهي جلسي لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اقتدار حاصل ڪرڻ جي هن جنگ ۾ سنڌ جي حقن ۽ اختيارن جو سودو ڪرڻ جي ڪنهن کي بہ اجازت نہ ڏينداسين. سنڌ جي ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي پيپلز پارٽي اقتدار لاء سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آھي، پيپلز پارٽي اقتدار جي عارضي مفادن لاء سنڌ جي پٺ ۾ خنجر ھنيا، 15 سالن کان جاري پ پ پ جي گذريل حڪومتن سنڌ کي ڪنگال بنائي ڇڏيو۔سنڌ جي عوام کي سنڌ دشمن پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آڏو ايندڙ اليڪشنن ۽ جدوجھدن ۾ مضبوط ۽ جٽادار ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي وئي آهي، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھ مھانگائي وڌي وڃي ٿي۔ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ بہ پريشان آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ماڻھن کي بنيادي انساني حق تڏھن حاصل ٿي سگھن ٿا جڏھن اسان جي ملڪ جون پاليسيون تبديل ٿينديون. عالمي طاقتن جي ھدايتن تي ھلڻ بدران پنھنجون خودمختيار پاليسيون جوڙيندا. انھي پاليسي ۾ مستحڪم معيشت، تعليم، سائنس، صحت، ميرٽ ۽ ترقي ھوندي، پوءِ غربت اسان لاءِ وڏو مسئلو نہ رھندي. اسين دنيا جا خوشحال ۽ ترقي يافتح ملڪ ۽ قوم بنجي سگھون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ برابري وارو جمھوري نظام گھرجي۔ قدرتي وسيلن تي ڪمائي جو پھريون حق مالڪ صوبي ۽ انھن علائقن جو آھي اڪثريت جي نالي ۾ سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، زمين، پاڻي ۽ ٻين وسيلن کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي۔ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري، سڀ کان وڌيڪ، غربت، سڀ کان وڌيڪ بدحالي، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سڀ کان وڌيڪ ڏوھ، لاقانونيت، ناانصافي ۽ حڪمرانن جي بي حسي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
سنڌ
سنڌ بچايو ملڪ بچايو
زينت سمون
سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے