English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وارھہ: عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو جي ٻئي ورسي جو جلسو
views
|
01st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
لال جروار سميت وڏي انگ ۾ اڳواڻن جي شرڪت، لفظن جون ڀرپور ڀيٽائون
وارھہ: عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو جي ٻئي ورسي جو جلسو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار سميت وڏي انگ ۾ اڳواڻن جي شرڪت، لفظن جون ڀرپور ڀيٽائون.
خبر موجب عوامي تحريڪ جي اڳوڻي ضلعي صدر ۽ سينئر قلمڪار ڪامريڊ منان چانڊيو جي ٻئي ورسي وارھ ۾ پرجوش نموني ملهائي جلسو ڪيو ويو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته منان چانڊيو سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو ۽ ڪڏھن به مايوس نه ٿيو،
سندس لازوال سياسي سفر مظلوم طبقي جي هميشه رهنمائي ڪندو رهندو. هن چيو ته سنڌ جا تاريخي، ثقافتي ماڳ ۽ مڪان حڪمرانن تباھ ڪري ڇڏيا آھن،
حمل ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، کي تباھ بڻايو ويو آھي، سنڌ تي ڌاريا قابض بڻائي ڌرتي ڌڻين کي دربدر ڪيو ويو آھي. هن چيو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد سميت رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ملڪ رياض، زرداري ۽ ٻين مافيائن پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيون آھن
هاڻ زرعي انقلاب جي نالي ۾ 13 لک ايڪڙ زمين غير ملڪين حوالي ڪئي پئي وڃي جنهن جي خلاف ڀرپو جدوجهد جي ضرورت آھي
عوامي تحريڪ پرامن ۽ سياسي تحرڪ ذريعي سنڌ جي عوام جو تحفظ ڪندي. جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور ڪاتيار، سرتاج چانڊيو، ساجد مهيسر، مرڪ منان، عرفان منان، غلام مصطفيٰ کاهوڙي، عاطف ملاح، وارھ پريس ڪلب جي صدر اياز چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ نجيب چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ غفار ميرجت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ منان قومي ۽ طبقاتي جبر خلاف 4 بهارون عملي جدوجهد ڪئي ۽ آخري دم تائين پورهيت فڪر سان سلهاڙيل رهيو،
هن پُٺ تي پيل علائقي ۾ رهي ڪري نياڻين کي تعليم پرائي ۽ کين سياسي تحرڪ ۾ اڳڀرو ڪيو کيس هميشه ياد رکيو ويندو.
جلسي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.
جلسي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين سميت وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي.
ن کان اڳ عوامي تحريڪ اڳواڻن ڪامريڊ منان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي سلامي ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
وارھہ
عوامي تحريڪ
ڪامريڊ منان
چانڊيو
جلسو
0 تبصرے