English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وارھہ: عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو جي ٻئي ورسي جو جلسو
229 views
|
01st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
لال جروار سميت وڏي انگ ۾ اڳواڻن جي شرڪت، لفظن جون ڀرپور ڀيٽائون
وارھہ: عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو جي ٻئي ورسي جو جلسو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار سميت وڏي انگ ۾ اڳواڻن جي شرڪت، لفظن جون ڀرپور ڀيٽائون.
خبر موجب عوامي تحريڪ جي اڳوڻي ضلعي صدر ۽ سينئر قلمڪار ڪامريڊ منان چانڊيو جي ٻئي ورسي وارھ ۾ پرجوش نموني ملهائي جلسو ڪيو ويو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته منان چانڊيو سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو ۽ ڪڏھن به مايوس نه ٿيو،
سندس لازوال سياسي سفر مظلوم طبقي جي هميشه رهنمائي ڪندو رهندو. هن چيو ته سنڌ جا تاريخي، ثقافتي ماڳ ۽ مڪان حڪمرانن تباھ ڪري ڇڏيا آھن،
حمل ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، کي تباھ بڻايو ويو آھي، سنڌ تي ڌاريا قابض بڻائي ڌرتي ڌڻين کي دربدر ڪيو ويو آھي. هن چيو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد سميت رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ملڪ رياض، زرداري ۽ ٻين مافيائن پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيون آھن
هاڻ زرعي انقلاب جي نالي ۾ 13 لک ايڪڙ زمين غير ملڪين حوالي ڪئي پئي وڃي جنهن جي خلاف ڀرپو جدوجهد جي ضرورت آھي
عوامي تحريڪ پرامن ۽ سياسي تحرڪ ذريعي سنڌ جي عوام جو تحفظ ڪندي. جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور ڪاتيار، سرتاج چانڊيو، ساجد مهيسر، مرڪ منان، عرفان منان، غلام مصطفيٰ کاهوڙي، عاطف ملاح، وارھ پريس ڪلب جي صدر اياز چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ نجيب چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ غفار ميرجت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ منان قومي ۽ طبقاتي جبر خلاف 4 بهارون عملي جدوجهد ڪئي ۽ آخري دم تائين پورهيت فڪر سان سلهاڙيل رهيو،
هن پُٺ تي پيل علائقي ۾ رهي ڪري نياڻين کي تعليم پرائي ۽ کين سياسي تحرڪ ۾ اڳڀرو ڪيو کيس هميشه ياد رکيو ويندو.
جلسي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.
جلسي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين سميت وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي.
ن کان اڳ عوامي تحريڪ اڳواڻن ڪامريڊ منان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي سلامي ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وارھہ
عوامي تحريڪ
ڪامريڊ منان
چانڊيو
جلسو
0 تبصرے