قدرتي ذخيرن سان مالا مال سنڌ جو عوام دربدري واري زندگي گھاري رھيو آھي: اياز لطيف پليجو

خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن، پيپلز پارٽي، ليگ ۽ پي ٽي آئي سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو

قدرتي ذخيرن سان مالا مال سنڌ جو عوام دربدري واري زندگي گھاري رھيو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون، لياقت آباد جي اردو ڳالهائيندڙ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عوامي پورھيت تحريڪ عمر ڪوٽ جي اڳواڻن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ پريم ساگر، ھريش،شھزاد ھاشمي، شمشاد وارثي قمرالدين، عبدالڪلام عبدالرحيم، عتيق الرحمان، محمد بشير، مھتاب وارثي ۽ عامر ملڪ جي قاسم آباد لا آفيس ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ اردو ڳالهائيندڙ اسان ڀائر آهن، ڇھون نمبر ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ ۾ آهي، 71 سيڪڙو گئس، 59 سيڪڙو پيٽرول ۽ ٻين وسيلن سان مالا مال سنڌ جا وارث دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن. خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن. گذريل پنهنجي اقتداري دور دوران پيپلز پارٽي، ليگ ۽ پي ٽي آئي سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو. وفاقي پارٽين وٽ سنڌ لاءِ ڪا بہ ايجنڊا ناھي. سنڌ کي ھميشه ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير ملڪي ھٿ اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا ۽ سڀ کان وڏو نقصان تہ اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ لکين غير قانوني پرڏيھي سنڌ ۽ ملڪ جي امن لاءِ مستقل خطرو آھن. سپريم ڪورٽ جو حڪم آھي تہ انھن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. سڄي دنيا ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن لاءِ الڳ قانون آھي، اھي اتي جي سياست، نوڪرين، وسيلن تي ائين حملي آور ۽ قابض نٿا ٿين جيئن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻاھران ايندڙ پرڏيھي ماڻھو اسان جي ملڪ جي قانون جو ڌڄيون اڏائي رھيا آھن. ڪھڙو شھر آھي جتي منشيات نٿي ملي ۽ غير قانوني ھٿيارن جو ڪاروبار ناھي. انھي ڪڌي ڪم ۾ پرڏيھي ملوث آھن. سعودي عرب ۾ پاڪستان سميت ڪنھن ٻي مسلمان ملڪ جي ماڻھو کي شھري، ملڪيت يا مستقل نوڪري حاصل ڪرڻ جي اجازت ناھي. رڳو پاڪستان ۽ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي. سنڌ يتيم خانو ناھي، غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي ويون آھن، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن پر پاڪستان ۾ ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھ مھانگائي وڌي وڃي ٿي۔ تيل، گئس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ کي مھانگائي ۽ بدحالي جي باھ ۾ اڇلايو ويو آھي۔ سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي. حڪمران پنھنجون پاليسون تبديل ڪن۔ ملڪ کي برابري ۽ ڀائچاري سان اڳتي ھلائي سگھجي ٿو۔ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ وفاق کي جيترو ڪمائي ڏئي ٿو بدلي ۾ حق بدران خيرات ڏني وڃي ٿي، جنھن ڪري سنڌ ۾ غربت وڌي آھي. بدقسمتي سان ڪنھن بہ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سنڌ جي ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ کي پنھنجي ايجنڊا نہ بنايو آهي.