ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جو چاليهو، وڏي انگ ۾ سياسي سماجي صحافتي ڌرين جي ماڻهن جي شرڪت، ڀرپور نموني ڀيٽا پيش، محمد رمضان جوڻيجو ڏوڪري جو بيمثال ۽ متحرڪ ڪردار هو سندس صحافتي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه سونهري اکرن ۾ ياد رکيو ويندو، عبدالحميد جيسر، اسد ٻگهيو، قاضي آفتاب احمد، عبدالحق پيرزادو ۽ ٻين جو تقريب کي خطاب تفصيل موجب ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي چاليهي جي موقعي تي ڏوڪري پريس ڪلب ۾ هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي کيس ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پريس ڪلب پاران ڪوٺايل تقريب ۾ ڏوڪري جي سياسي سماجي صحافتي ڌرين جي ماڻهن ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين عبدالحميد جيسر، سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڏوڪري پريس ڪلب جي قائم مقام صدر اسد ٻگهيو، ،ڏوڪري پريس ڪلب جي نائب صدر فدا حسين ابڙو، جنرل سيڪريٽري اطهر سنديلو، اڳوڻي صدر قاضي آفتاب احمد، ليکڪ ياسر منگي، باڊھ جي سينئر صحافي منظور ميراڻي، موهن جو دڙو جي سينئر صحافي عبدالحق پيرزادو، تعليمدان واحد بخش موريو، قاضي فريد احمد، علي اصغر ميمڻ، عبدالجبار ميمڻ، محمد نواز سيال، وحيد رمضان جوڻيجو، تاج محمد جوڻيجو، محمد بچل سولنگي، نياز حسين سوهو، مقبول ڪانڌڙو، امداد ٻگهيو،وحيد ڳاهو،جبران منگي، اسرار نوناري، حسن جوڻيجو،قاضي سلطان احمد، قاضي مھتاب احمد، اطهر ميمڻ، نديم ميمڻ، قاضي سهيل ، عبدالحڪيم ابڙو، سمير سومرو، قيوم جوڻيجو، شهاب جتوئي، معشوق ڏيرو، مختيار انڙ، منظور سولنگي، آفتاب قريشي، ربنواز کوسو، ساجد جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي مقررين جو چوڻ هو ته محمد رمضان جوڻيجو بهادر ۽ بيباڪ صحافي هو، هو ڏوڪري جو لازوال ۽ بيمثال ڪردار هو سندس صحافتي ۽ سماجي خدمتن کي هر دور ۾ سونهري اکرن ۾ ياد رکيو ويندو، هنن وڌيڪ چيو ته محمد رمضان جوڻيجو پنهنجي سموري زندگي اصولن تحت گذاري هو مظلومن جو ساٿاري ۽ هڪ اڏول انسان هو هن پنهنجي قلم ذريعي مسڪينن ۽ مظلومن جو آواز ايمانداري سان اعلي ايوانن تائين پهچايو، هر ڏاڍ جبر ظلم کي مڙس ٿي منهن ڏنو هن صحافت ۾ پاڻ کي سچي ۽ کري قلمڪار طور مڃرايو اهوئي سبب آهي جو کيس ڪيترائي ڀيرا اذيتون ڀوڳڻيون پيون ۽ مٿس قاتلاڻا حملا به ٿيا کيس جيل ياترائون ڪرايون ويون پر جسماني سزائون سندس سوچ کي بدلائي نه سگهيون،هو آخر تائين پنھجي اصولن تي ڄمي بيٺو رهيو سندس مثالي ڪردار کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. ان موقعي تي خيرات في سبيل الله جو به بندوبست ڪيو ويو هو،
0 تبصرے