ڏوڪري (اطهر ميمڻ) تعليمدان سياسي سماجي شخصيت، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو اڳوڻو سرگرم اڳواڻ، پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر سينيئر صحافي، اڳوڻو پ ٽ الف صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي صوبائي وزير مرحوم حاجي الطاف حسين خان انڙ جو ويجهو ساٿي سائين ضمير احمد ڀٽي دل جو دورو پوڻ سبب 58 ورهين جي ڄمار سبب لاڏاڻو ڪري ويو، تفصيل موجب تعليمدان سياسي سماجي شخصيت، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو اڳوڻو سرگرم اڳواڻ، پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر سينيئر صحافي، اڳوڻو پ ٽ الف صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي صوبائي وزير مرحوم حاجي الطاف حسين خان انڙ جو ويجهو ساٿي سائين ضمير احمد ڀٽي دل جو دورو پوڻ سبب 58 ورهين جي ڄمار سبب دم ڌڻي حوالي ٿي ويو، سندس جنازي نماز عيد گاهه ۾ ادا ڪرڻ بعد جيلاني مسجد ڀرسان سندس والد جي ڀر ۾ سوين آلين اکين سڏڪن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، آخري رسمن ۾ ڏوڪري ٽائون جو اڳوڻو چيئرمين لياقت علي سومرو، ٽائون ڪاميٽي چيئرمين حاجي عبدالحميد جيسر، صحافي نديم نياز ميمڻ، مقيم نياز ميمڻ، جي ايم جهتيال، مختيار علي انڙ، حاڪم علي ميمڻ، باڊھ پريس ڪلب جو صدر نظام ڪولاچي، اڳوڻو ايم ايس ڊاڪٽر ظفر الله موريو، غلام سرور خان جوڻيجو، نياز حسين ڀٽي، ڪالم نگار مسرور سيال، محمد اسماعيل ڀٽي، ڪامران ساريو، محمد پريل ڀتي، مدني سومرو، ڪامريڊ دودو ديشي، غلام مرتضي ڀٽي، ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ صابر جروار، خالد جوڻيجو، رئيس اياز ڪسر، ڪومل خان جوڻيجو، باغي نديم جوڻيجو، شيراز انڙ، رئيس فتح محمد ڪسر، برڪت علي ميمڻ، عمير خان جوڻيجو، شعور پيرزادو، محمد بخش ڀٽي، شيراز کوکر، شفقت ڀٽي، عبدالقادر ڀٽي، طفيل سوهو، هاشم ڀٽي، عبدالجبار ميمڻ، ربنواز کوسو، ممتاز علي سومرو، تعليمي ماهر نظير احمد سانگھرو، مظفر شاھاڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مختلف برادري جي سوين ماڻهن وڏي انگ شرڪت ڪئي، سندس اوچتو وڇوڙي تي ماحول سوڳوار هر اک آلي رهي، سندس پونيئرن وارثن پرويز احمد ڀٽي، سرمد رحمان ڀٽي، مدثر رحمان ڀٽي ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، هوڏانهن گسٽا يونين طرفان اڳواڻ جي وڇوڙي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي يونين اڳواڻن قمرالدين سومرو، نثار احمد سولنگي، اعجاز احمد سوهو، شفيق احمد ٻگھيو، طفيل سوهو ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪندي سندس وڇوڙي يونين استادن لاءِ لا تلافي نقصان قرار ڏيندي چيو ته بهادر اڳواڻ هن استادن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي، ٻئي طرف استاد ضمير احمد ڀٽي جي وڇوڙي تي هتان جي سڄاڻ ڌرين توڙي شهرين نياز حسين سوهو، عبدالحفيظ سومرو، اياز حسين موريو، ممتاز علي انڙ ۽ ٻين سندس وڇوڙي تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي پڻ تاثراتي بيان ۾ چيو آهي ته استاد ضمير احمد ڀٽي جو اوچتو وڇوڙو استادن جي لاءِ لاتلافي نقصان قرار ڏيندي چيو ته سندس خال نه ڀرجي سگهندو.
0 تبصرے