سعودي عرب جي شھر جدھ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽپ جي سالگرھھ ملھائي وئي

پ پ شھيد ڀٽو پاران سالگرھھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، سنڌي گيتن تي جھمريون

سعودي عرب جي شھر جدھ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽپ جي سالگرھھ ملھائي وئي

جدہ (م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران سعودي عرب ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌي گيت ڳايا ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ سعودي عرب جي شهر جده ۾ شهيد قائد ۽ پارٽي جي سربراهه مير مرتضيٰ ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو به پنهنجي والد وانگر عوامي ليڊر هو. سنڌ جي رهواسين پاڪستان جي عوام سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، مير مرتضيٰ ڀٽو کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، ممتاز علي جتوئي، رياض احمد جتوئي، ظهير احمد، فضل الله ۽ ٻين مير مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو