خانواهڻ واسي نوجوان جو نوشهروفيروز ۾ احتجاج

سال اڳ ثابت علي شاه جي پٽ پنهنجي گهر مان چوري ڪئي: صدام لوچي

خانواهڻ واسي نوجوان جو نوشهروفيروز ۾ احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) خانواهڻ جي رهواسي نوجوان صدام لوچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته سال اڳ ڳوٺ جو بااثر ثابت علي شاه جي گهر مان سونا زيور چوري ٿيا جنهن ڪجھ ماڻهن تي الزام ۽ انهن کان پاڪ ڪتاب تي ساک ورتي ۽ ڇڏي ڏنو ۽ بعد ۾ خبر پئي ته سندس ئي پٽ ثاقب شاه چور نڪتو جنهن کان پوء شاه صاحب ڪوبه ڪيس داخل نه ڪرايو هن چيو ته ڪجھ عرصي کان پوء ثابت علي شاهه اسان ڏي نياپو ڪيو ته توهان جي ڀاءُ ارشد لوچي کي ثاقب شاه چوريء وارن سون ڏنو آهي جنهن کي اسان يونيورسٽي مان گهرائي پڇا ڪئي ۽ کين صفائي وٺي ڏني جتي اسان جي ڀاءُ کان هنن موبائيل فون ڦر ڪئي پر پو۽ به ثابت علي شاه اسان تي اعتبار نه پيو ڪري هنن چيو ته اسان شريف ماڻهو آهيون ۽ عزت جو وقت پيا گذرايون پر بااثر نه ئي موبائيل فون ٿو واپس ڪري رهندو اسان ڏي مختلف وقتن تي ماڻهو موڪلي حرانسان ڪري رهيو آهي هن معامري جي جاچ ڪري انصاف ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي