نوشهروفيروز ۾ انساني حقن ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان ورڪشاپ منعقد

زويا لاڙڪ , شاهد وسطڙو , حرا قاضي , ثنا لاڙڪ ۽ ٻين ورڪشاپ کي خطاب ڪيو

نوشهروفيروز ۾ انساني حقن ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان ورڪشاپ منعقد

نوشهروفيروز (ڊ ر) فاطمه ڦرڙو سميت سنڌ اندر ڪيترن ئي نياڻين توڙي مظلومن سان ٿيل ظلم کي ڊجيٽل شوشل ميڊيا جي ٿرو وائکو ڪيو ويو آهي ان لاء هر ماڻهوء خاص ڪري نوجوانن ۽ نوجوان نارين کي شوشل ميڊيا مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار پهل پاڪستان جي ڪوآرڊينيٽر ميڊم زويا لاڙڪ , شاهد وسطڙو , حرا قاضي , ثنا لاڙڪ ۽ ٻين مقامي سينٽر ۾ نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انساني حق ۽ سوشل ميڊيا جو ڪردار جي حوالي سان منقعد ڪيل هڪ روزه ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو هنن چيو ته ڪو دور هيو جو ڪنهن به ظلم ۽ ظالم کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ ڏاڍو ڏکيو عمل هو پر هاڻي سوشل ڊجيٽل ميڊيا انساني حق حاصل ڪرڻ لاء هڪ سٺو ۽ سگهارو پليٽ فارم ٿي اڀريو آهي جنهن مان نوجوانن توڙي فيميلس کي گهرجي ته هو پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاء سوشل ميڊيا مان فائدو حاصل ڪن هنن چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي لتاڙ ٿي رهي آهي سرڪاري تعليمي ادارن سميت صحت توڙي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ لاء عام ماڻهو پريشان حال آهي پر هاڻي هر ماڻهوء کي هن ڊجيٽل دور ۾ سوشل ميڊيا مان فائدو وٺڻ گهرجي