شڪارپور ۾ صحافي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صحافين ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

سينيئر صحافي رحيم بخش جمالي,زاھد نون,عبدالسلام انڙ,جاويد راھوجو,نادر بلوچ ۽ ٻين احتجاج ڪيو

شڪارپور ۾ صحافي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صحافين ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

شڪارپور ( احسان ابڙو )شڪارپور ۾ "صحافي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صحافين ۽ سول سوسائٽي جو احتجاجي مظاهرو,پريس ڪلب اڳيان نعرا,رپورٽ موجب: سلطان ڪوٽ جي صحافي اسرار چانڊيو مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ,سندس گرفتاري ۽ مٿس تشدد خلاف شڪارپور ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس گردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي,ان موقعي تي اڳواڻن سينيئر صحافي رحيم بخش جمالي,زاھد نون,عبدالسلام انڙ,جاويد راھوجو,نادر بلوچ,رشيد ڄامڙو,ذوالفقار مگسي, عبدالحڪيم جتوئي ,ڪامريڊ اسد سومرو,احسان جيھو,ڪامريڊ ثناءٔ الله مھر,طاھر جان ڀٽو,ڌڻي بخش نصيراڻي,ھمٿ بلوچ ۽ ٻين چيو ته جيڪب آباد ۽ بلوچستان پوليس دھشتگردي جو مظاهرو ڪندي ھڪ قلم ڌڻي کي اغوا ڪري مٿس چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ بعد وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ظلم جي انتھا ڪئي آهي جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا,ھنن چيو ته اسين ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ڊي آء جي نصير آباد کان مطالبو ٿا ڪيو ته معاملي بابت شفاف جاچ ڪرائي بيگناھ گرفتار ڪيل صحافي اسرار چانڊيو کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو تيز ڪيو ويندو.