English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو احتجاجي مظاھرو
238 views
|
21st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
بدامني خلاف، قبيلائي جھيڙن جي خاتمي ۽ رستم مان اغوا ٿيل ٽن ڄڻن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو
شڪارپور (احسان ابڙو )شڪارپور ضلعي اندر بدامني جي باهه ٻريل آهي ۽ قبيلائي جھيڙن توڙي اغوا جي وارڌاتن ۾ ڏينهنون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن سبب خلق خدا سخت پريشان بڻيل آهي ۽ متاثر ماڻهو مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهن,ان سلسلي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان قبيلائي جھيڙن جي خاتمي ۽ رستم مان اغوا ٿيل ٽن ڄڻن عبدالرئوف سولنگي,عبدالغفور سولنگي ۽ عبدالستار سيٺار جي وارثن طرفان سندن بازبايي لاء گڏجي جھاز چوڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري شڪارپور پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي پوليس نااھلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي,ان موقعي تي مظاھرين اسرار ابڙو,مير احمد نواز معرفاڻي,سوشل ورڪر شھناز مھر,مسمات صومل سولنگي ۽ ٻين چيو ته ھڪ سازش تحت شڪارپور ضلعي اندر بدامني جي باهه ٻاري وئي آهي جنهن سبب عام رھواسي غير محفوظ ۽ خوف ۾ ورتل آهن پر ناليوارو ايس ايس پي امجد شيخ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي,ھنن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ قبيلائي تڪرارن ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا آهن ۽ ضلعي جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي ۽ ھر طرف بربادي ئي بربادي آهي جنهن جي ذميوار ڪرپٽ سرڪاري مشينري ۽ نااھل انتظاميا آهي,ھنن چيو ته ھاڻي عوام سان ظلم بند نه ٿيا ته ماڻهوَ ڪنهن کان امن جي خيرات گھرڻ بدران پاڻ مزاحمت ڪندا,ھنن مطالبو ڪيو ته بنا دير رستم مان اغوا ٿيل ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرائي شڪارپور ضلعي مان قبيلائي تڪرارن جو خاتمو آڻي امن بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
shikarpur
police
0 تبصرے