راڻيپور: فاطمھ جي مبينا قتل واري واقعي جو ڪيس داخل

ڪيس سندس ماءُ شبانه جي فردياد تي راڻيپور ٿاڻي تي داخل

راڻيپور: فاطمھ  جي مبينا قتل واري واقعي جو ڪيس داخل

راڻيپور: پير حويلي ۾ فوت ٿيل نينگري فاطمه فرڙو جو قتل ڪيس راڻيپور جي پير اسد علي شاهه سندس گھرواري سيد حنا شاهه مٿان تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس سندس ماءُ شبانه جي فردياد تي راڻيپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي راڻيپور. ڪيس ۾ گناھ نمبر 126 /2023 تي قلم 302 .34 ppc تحت داخل ڪيو ويو جنھن ۾ ان ڄاڻايو آهي ته مهنجي ڌي راڻيپور پير اسد شاهه وٽ گھر ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي جنھن جي لاءِ اسان کي اطلاع مليو ته سندس ڌي بيمار ٿي پئي هئي پوءِ فوت ٿي وئي آهي پر ان کي پير اسد ئي سندس گهر واري تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي نينگري جي جسم تي تشد د جا نيشان مليا آهن فريادي آهيان ته داد رسي ٿي