دادو شھر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم جاري آھي: محبوب علي سومرو

چيئرمين پير دانش علي ۽ وائيس چيئرمين خالد ميراڻي پنهنجون صلاحتون ڪتب آڻين

دادو شھر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم جاري آھي: محبوب علي سومرو

دادو(ڊ ر) دادو جي سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو چيو آھي ته دادو شھر اندر صفائي سٿرائي واري هلندڙ پروگرام کي اڃا وڌيڪ بهتر کان بهتر ڪرڻ لاء ميونسپل ڪاميٽي دادوچيئرمين پير دانش علي ۽ وائيس چيئرمين خالد ميراڻي پنهنجون صلاحتون ۽ وسائل ڪتب آڻي دادو شھر کي صاف سٿرو رکڻ سان ۽ شھرين جي جائز مسئلن ۽ شڪايتن کي حل ڪرڻ ۽ انهن کي ٽائيم ڏيڻ ضروري آھي هن چيو ته ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ صفائي ۽ ترقياتي ڪمن ڪرڻ جي انتهائي سخت ضرورت آهي ۽ انهن کي ڪچي آبادي جي شھرين کي صفائي سٿرائي سان گڏ واٽرسپلاء جو مٺو صاف پاڻي ، بجلي جا ٿنڀا ،رستا ، ناليون جي ڊرينج سسٽم هڪ جامع جوڙيل پلائينگ تحت ڪرايا وڃن ت جيئن مستقبل ۾ دادو شھر کي هڪ مثالي ماڊل تحت نظر اچي ۽ ان وڌيڪ چيو ته آء سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو پنهنجي ٽيم سميت ته شهرين ۽ انهن جي ڀلائي لاء هر ممڪن طور دادو شھر لاء دادو کي ترقي يافته بنائڻ واسطي سندن سان هر وقت گڏجي ڪم ڪرڻ لاء تيار آھيان