سجاول ۾ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ اجلاس

اجلاس ۾ پي ايم ڊي سي ۽ سوشل ويلفيئر ڪميٽي جي ميمبر ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻين جي شرڪت

سجاول ۾ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ اجلاس

سجاول (گلشيرميربحر) چيئرمين پيٽروليم ميرين ڊولپمينٽ ڪميٽي ۽ پيٽروليم سوشل ويلفيئر ڪميٽي ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ دربار هال سجاول ڪميٽي جو اھم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پي ايم ڊي سي ۽ سوشل ويلفيئر ڪميٽي جي ميمبر ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي، سيڪريٽري پي ايم ڊي سي ۽ سوشل ويلفيئر ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام حيدر خاصخيلي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ فضل الدين سومرو، ضلعي ڪائونسل انجنيئر سهيل ميمڻ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس محمد شيخ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگ ڊويزن عامر جلباڻي، اي اين پي جي نديم سومرو، خالد عزيز، پاڪستان پيٽروليم جي محمد اڪرم، ماڙي پيٽروليم جي ڪرنل رٽائرڊ عبدالخالق، الله ڏتو سومرو، او جي سي ايل جي شڪيل احمد، يو اي پي جي علي عباس جوڻيجو، زبير مينڌرو ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سمورن لاڳاپيل انجنيئرن پنهنجي لاڳاپيل کاتن جي طرفان ضلعي ۾ ھلندڙ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي، ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ پاران جاري ترقياتي منصوبن جي ڪم ۾ سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سمورن لاڳاپيل کاتن جي انجنيئرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هلندڙ منصوبا معيار سان گڏ مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ کين شامل ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل انجنيئرن کان التوا ۾ پيل منصوبن کي ٽن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ تحريري دستاويز لکرائي کين پابند ڪيو ويو ته جيڪڏهن هلندڙ منصوبا ٽن مهينن اندر مڪمل نه ٿيا ته عدالت ۾ ايندڙ ٻڌڻي دوران ھو پاڻ جوابدہ ھوندا. ان موقعي تي تيل ۽ گئس فنڊنگ وارن منصوبن جي اڳڀرائي بابت پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.