ڊي سي سجاول طاهر علي ميمڻ جي صدارت هيٺ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس

ضلعي ۾ ھلندڙ ترقياتي رٿائن کي معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪيو وڃي: ڊي سي طاهر علي ميمڻ

ڊي سي سجاول طاهر علي ميمڻ جي صدارت هيٺ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس

سجاول (گلشيرميربحر) ضلعي ۾ ھلندڙ ترقياتي رٿائن کي معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪيو وڃي - طاھر علي ميمڻ ,ضلعي انتظاميه عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ھر وقت ڪوششون وٺي رھي آھي ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاھر علي ميمڻ جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ ھلندڙ مختلف ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ بابت سندس آفيس ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي ، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو رڌا ٽالپر ، ورڪس سروس ، ايجوڪيشن ورڪس ، ھاء وي ، پبلڪ ھيلٿ ، بلڊنگس ۽ ٻين واسطيدار کاتن جي عملدار ۽ انجنيئر موجود هئا - گڏجاڻي م ضلعي ۾ ھلندڙ سمورن ترقياتي رٿائن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ واسطيدار کاتن جي عملدارن ھلندڙ ترقياتي رٿائن جي پيش رفت ۽ مسئلن کان آگاهه ڪيو - ڊپٽي ڪمشنر واسطيدار عملدارن ۽ انجنيئرن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته ھو ھلندڙ ترقياتي منصوبن جي رفتار کي تيز ڪري معيار سان گڏ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاھي ھر گز برداشت نه ڪئي ويندي - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر طاھر علي ميمڻ چيو ته ضلعي انتظاميه عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ھر وقت ڪوششون وٺي رھي ته جيئن انهن کي جلد تمام گھربل سھولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي –