ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جا اهم انڪشاف

جوابدار رامچند قائد آباد ملير جو رهواسي نڪتو، بينڪن ٻاهران ڪيترين ئي ڦرن جو اعتراف

ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جا اهم انڪشاف

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪلفٽن جي علائقي ٽين تلوار ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر آڪاش جي ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن کان جاچ دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. جاچ اختيارين موجب جوابدارن واردات، پنهنجي ڏوهاري ٽولي ۽ بينڪن ٻاهران ڪيل ڪيترين ئي ڦرن بابت اهم ڄاڻ فراهم ڪئي آهي اختيارين موجب ڦورو ٽولي جو سرغڻو اسلم عرف بابا آهي، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي قائد آباد جا رهواسي آهن. ابتدائي جاچ مطابق واردات وقت اسلم عرف بابا ۽ سندس ساٿين سان گڏ هڪ عورت پڻ گاڏي ۾ سوار هئي جاچ دوران اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڦر ڪيل رقم ٽولي جي ميمبرن ۾ ورهائي وئي هئي. هڪ گرفتار جوابدار جي حصي ۾ هڪ لک پنجويهه هزار رپيا آيا، جنهن ايزي پيسا ذريعي اها رقم پنهنجي ڀاءُ ڪشور کي ڳوٺ موڪلي ڏني. جڏهن ته گرفتار جوابدار رامچند جي حصي ۾ ستر هزار رپيا آيا، جن مان هن ٽيهه هزار رپيا پنهنجي گهر مالڪ کي ادا ڪيا. پوليس موجب رامچند قائد آباد جو رهواسي آهي ۽ فرمان نالي شخص جي گهر ۾ ڪرائي تي رهندو هو. جوابدار رامچند دورانِ جاچ ٻڌايو ته سندس ملاقات ٽولي جي سرغڻي اسلم عرف بابا سان 2021ع ۾ لانڍي جيل ۾ ٿي هئي، جتي ٻنهي ۾ دوستي ٿي ۽ بعد ۾ هنن گڏجي هڪ ڏوهاري ٽولو قائم ڪيو. جاچ اختيارين موجب رامچند اعتراف ڪيو آهي ته رڳو هلندڙ مهيني جي پهرين ٻارهن ڏينهن دوران ٽولي بينڪن ٻاهران ٽن ڦرن جون وارداتون ڪيون. انهن مان هڪ واردات دوران هڪ لک رپيا ۽ ٻي واردات ۾ ٻه لک رپيا ڦر ڪيا ويا هئا اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٽنهي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن ٽولي جي ٻين ميمبرن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري سان گڏ وڌيڪ وارداتن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. جاچ ذريعن موجب جوابدارن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي پوليس سندن جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي ته جيئن ڪيس جي وڌيڪ جاچ مڪمل ڪري سگهجي.