نوشھروفيروز: سيپڪو ايگزيڪيوٽو انجنيئر سان پريس ڪلب جي صدر ۽ ٻين جي ملاقات

نوشھروفيروز: سيپڪو ايگزيڪيوٽو انجنيئر سان پريس ڪلب جي صدر ۽ ٻين جي ملاقات

نوشهروفيروز (ڊ ر)واپڊا سيپڪو ڊويزن نوشهروفيروز ۾ مقرر ٿيل نئين ايگزيڪيوٽو انجنيئر غلام الله سولنگي سان پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر محمد يونس راڄپر، گريڊ انچارج لياقت سولنگي، جنرل سيڪريٽري فقير علي نواز سولنگي، اڳوڻي صدر ممتاز علي سولنگي، گورنمينٽ ڪنٽريڪٽر اعجاز علي سولنگي، سهيل احمد راڄپر، پاڪستان هائيڊرو يونين جي اڳوڻي چيئرمين غلام عباس سولنگي، پاڪستان پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر راجا رئيس سولنگي ۽ موجوده هائيڊرو يونين جي چيئرمين فاروق ڪلهوڙو ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد ايگزيڪيوٽو انجنيئر غلام الله سولنگي کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي سنڌ جي روايتي ثقافت موجب ڀليڪار ڪيو. ايگزيڪيوٽو انجنيئر غلام الله سولنگي مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ اوهان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي ملازمت واري عرصي دوران نوشهروفيروز جي عوام کي بهتر کان بهتر بجلي جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو.