سجاول جي عدالت قتل ڪيس جي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سجاول جي عدالت قتل ڪيس جي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سجاول (رپورٽر) سجاول جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج سجاول سيد اعجاز شاھ جي عدالت سجاول ٿاڻي تي داخل قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار سجاد علي ولد عبدالعزيز سوڍو تي مقتولا مسمات پيپلان کي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت فيصلي موجب جوابدار سجاد علي سوڍو زمين جي تڪرار تان مسمات پيپلان کي 2022 ۾ قتل ڪيو ھو. ڄاڻايل ڪيس سجاول ٿاڻي تي مقتولا جي مامون جمال الدين سوڍو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڄاڻايل ڪيس جي عدالت ۾ پيروي سرڪاري وڪيل منور دايو ڪري رھيو ھو.