English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڱورجا ۾ جسقم بشير قريشي پاران سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ پيادل مارچ ۽ ڌرڻو
171 views
|
17th May 2026
•
سنڌي خبرون
مجيب ڀيلار جي قيادت ۾ ملھيراڻي سولنگي اسٽاپ کان شاھ جي مشين تائين پيادل امن مارچ ريل ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو
ھڱورجا(رپورٽر )جسقم بشيرخان قريشي پاران سنڌ ۾ منشيات.ڪاروڪاري. تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جي ھراسمينٽ. جي خاتمي بدامني . بيروزگاري. ڌاري. آبادڪاري. سنڌو دريا جي پاڻي ڌاڙي ۽ سنڌ زمين جي والار جي خلاف سوين جسقم ڪارڪنن سميت مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن جو جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مجيب ڀيلار جي قيادت ۾ ملھيراڻي سولنگي اسٽاپ کان شاھ جي مشين تائين پيادل امن مارچ ريل ڪڍي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو . بدامني ۽ منشيات جي خلاف 20 مئي تي سوڀوديرو ۾ احتجاج مارچ ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو تفصيل موجب جسقم بشيرخان قريشي پاران سنڌ ۾ منشيات جي ڪاروبار. ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم. بدامني. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري . شاگردياڻين کي ھراسمينٽ ڪرڻ. سنڌو درياء مٿان ڪينال ڪڍڻ خلاف جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مجيب ڀيلار اڪبر مڪول.ڪرم سامٽيو .زاھد شنباڻي . ايڊووڪيٽ سجاد سولنگي . قلب عباس حيدري. ساجد منڱريو. جي اڳواڻي ۾ ملھيراڻي سولنگي اسٽاپ کان شاھ جي مشين تائين احتجاجي پيادل امن مارچ ڪري قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو آھي سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي پوليس انتظاميه توڙي سنڌ حڪومت منشيات جي ڪاروبار جي خاتمي لاء سنجيدھ نظر ن ٿي اچي منشيات جي خاتمي لاء اسان جو احتجاج جاري رھندو سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم سبب ڪيتريون ئي نياڻيون بيگناھ قتل ڪيون ويون آھي اھا رسم سنڌ جي ناھي رھي انھي ڪڌي رسم جي خاتمي لاء اسان کي اڳتي اچبو پوندو . ھنن چيو ت سنڌو درياء تي پنجاب پاران غيرقانوني ڪينال ادب سنڌ سڪائڻ جي سازش آھي جيڪا برداشت ن ڪنداسون . ھنن وڌيڪ چيو ت بدامني بيروزگاري سبب سنڌ جا ماڻھو سخت پريشان آھن سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ جا نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن ھنن چيو ت جسقم ڪنھن ب ريت سنڌ جي ماڻھن کي اڪيلو نہ ڇڏيندي . ھنن اعلان ڪيو ت 20 مئي تي سوڀوديرو ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بدامني جي خلاف تاريخي احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ کے نوابوں سے پنجاب کی ترقی ہضم نہیں ہو رہی: عظمیٰ بخاری
23rd Jul 2026
•
شوبز
’’ہمارے نوجوان بھارت کے روشن مستقبل کے لیے لڑ رہے ہیں‘‘ سلمان، عالیہ اور دیگر فنکاروں نے طلبہ کی حمایت کر دی
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت مان واپسي دوران پيرسن قتل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مڪلي ويجهو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن جو افتتاح
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھڱورجا ۾ جسقم بشير قريشي پاران سنڌ جي ٻرندڙ م
0 تبصرے