ريلي جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ آفيس ٻاهران سخت احتجاج، امتحان متاثر ٿيڻ تي شاگردن جو مطالبو:
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي کوکراپار ۾ غير اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊ شيڊنگ خلاف اسڪولن جا هزارين شاگرد رستن تي نڪري آيا، جتي شاگردن ملير هالٽ ۾ واقع ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو۔مظاهري ۾ مختلف اسڪولن جي معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شرڪت ڪئي، جن تي ٻارن جو مستقبل اونداهو نه بڻايو، لوڊ شيڊنگ ختم ڪريو ۽ “اسان کي تعليم جو حق ڏيو” جهڙا نعرا لکيل هئا۔ شاگردن غير اعلانيل بجلي جي بندش خلاف سخت نعريبازي به ڪئي مظاهرين موجب ڪهوکراپار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روزانو 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي ڊگهي بندش جاري آهي، جنهن سبب سخت گرمي ۾ شاگردن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته نائين، ڏهين ۽ انٽرميڊيٽ سميت ٻين جماعتن جا امتحان به سخت متاثر ٿي رهيا آهن۔شاگردن جو چوڻ هو ته سندن والدين ڪيترائي ڀيرا ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسن ۾ درخواستون جمع ڪرائي چڪا آهن، پر صورتحال ۾ ڪا به بهتري ناهي آئي۔ احتجاج ۾ شامل ٻارن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي ته جيئن سندن تعليم متاثر نه ٿئي۔مظاهرين 20 کان وڌيڪ بسين جي ريلي جي صورت ۾ ملير هالٽ پهتا، جڏهن ته احتجاج دوران جناح ايونيو کان ايئرپورٽ ويندڙ روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند ٿي ويو، جنهن سبب شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو۔شاگردن ۽ علائقي واسين حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کوکراپار ۾ بجلي جي ڊگهي بندش جو فوري نوٽيس وٺي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي۔
0 تبصرے