سنڌ جي ڌرتي پنهنجي اندر بي شمار خوشبوئون، رنگ ۽ روايتون سموئي ويٺي آهي. هتي جي هر علائقي جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ، پنهنجي ٻولي، پنهنجو ذائقو ۽ پنهنجو حسن آهي. ڪاڇي جو علائقو به انهن خوشبودار خطن مان هڪ آهي، جنهن جو نالو ايندي ئي ذهن ۾ جبلن جي هنج، سادي مزاج ماڻهن ۽ “گاجي شاه باغ جي پيرن” جي مٺاس تري اچي ٿي.
جوهي تعلقي ۽ ڪاڇي جي ڀرپاسي ۾ پوکيل هي پيرون رڳو ميوو ناهن، پر محبت جو پيغام آهن، جيڪي هر سال سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن سوکڙي طور روانا ڪيا وڃن ٿا. حيدرآباد هجي، ڪراچي هجي يا لاڙڪاڻو، جتي به ڪاڇي مان پيرن جي ٽوڪري پهچي ٿي، اتي ڄڻ ڪنهن پنهنجي جي محبت پهچي وڃي ٿي.
ڪاڇي جي ماڻهن جي سادگيءَ وانگر هتي جا پيرون به نهايت نرم، رس ڀريا ۽ مٺا ٿين ٿا. چون ٿا ته هن ڌرتيءَ جي مٽي، پاڻي ۽ موسم گڏجي اهڙو ذائقو پيدا ڪن ٿا، جيڪو ٻي هنڌ شايد ئي ملي سگهي. شايد انهيءَ ڪري ڪيترائي ماڻهو سڄو سال هن موسم جو انتظار ڪندا آهن.
سنڌي لوڪ احساسن ۾ به گاجي باغ جي پيرن جو ذڪر ملي ٿو. ڪنهن شاعر دل جي ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
“ڪاڇي يار ول آ لھي بي قراري
پچ ڳيا پيرون تيڏي انتظاري”
هي صرف شاعري ناهي، پر اها انتظار جي اها خوشبو آهي، جيڪا هر ان ماڻهوءَ جي دل ۾ موجود هوندي آهي، جنهن جو ڪو پنهنجو ڪاڇي سان جڙيل هجي.
ڪاڇي جي علائقي ۾ انهن باغن کي “گاجي باغ” سڏڻ پٺيان به هڪ تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر موجود آهي. پراڻن ماڻهن موجب، هتي صدين کان پيرن جا باغ آباد رهيا آهن. جڏهن مند شروع ٿيندي آهي ته سڄو علائقو خوشبوءَ سان مهڪي اٿندو آهي. وڻن تي ٽنگيل پڪا پيرون ڏسندي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ قدرت پنهنجا مٺا تحفا زمين تي لاهي ڇڏيا هجن.
اهي پيرون صرف ذائقي جي سڃاڻپ ناهن، پر مقامي معيشت جو اهم حصو پڻ آهن. هر سال سوين آبادگار، مزدور ۽ واپاري هن فصل سان لاڳاپيل روزگار حاصل ڪن ٿا. ڪيترن ئي گهرن جا چُلهه انهن باغن جي برڪت سان ٻرن ٿا. افسوس جو جديد دور جي تيز رفتاريءَ باوجود اهڙين مقامي سوکڙين کي اها سرڪاري سرپرستي نه ملي سگهي آهي، جنهن جا اهي حقدار آهن.
جيڪڏهن زرعي ماهرن جي رهنمائي، بهتر ٽرانسپورٽ، ٿڌي اسٽوريج ۽ مارڪيٽنگ جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته “گاجي باغ جا پيرون” نه صرف سنڌ پر سڄي ملڪ جي مارڪيٽن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪري سگهن ٿا. اڄ دنيا پنهنجي روايتي ۽ نامياتي خوراڪ ڏانهن واپس موٽي رهي آهي، اهڙي وقت ۾ ڪاڇي جا هي قدرتي پيرون وڏي اهميت رکن ٿا.
اسان وٽ جڏهن به ڪنهن مهمان کي عزت سان ڪجهه پيش ڪرڻ جي روايت رهي آهي ته ان ۾ پنهنجي علائقي جي سوکڙي شامل هوندي آهي. جيئن خيرپور جون کجورون، سکر جا مٺاڻ يا هالا جا هنر مشهور آهن، تيئن ڪاڇي جا پيرون به سنڌ جي محبت جي سڃاڻپ بڻيل آهن.
وقت جي ضرورت آهي ته اسان پنهنجي هن زرعي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪريون، ڇو ته اهي شيون رڳو معيشت جو ذريعو ناهن، پر اسان جي سڃاڻپ آهن.
گاجي باغ جا پيرون دراصل اها مٺاس آهن، جيڪا ڪاڇي جي ماڻهن جي دلين ۾ رهندي آهي — ۽ جڏهن اهي سوکڙي بڻجي سنڌ جي شهرن ڏانهن روانا ٿين ٿا ته پنهنجي سان گڏ محبت، پنهنجائپ ۽ ڌرتيءَ جي خوشبو به کڻي وڃن ٿا۔
0 تبصرے