جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران ڊي سي آفيس جي برانچن جو دورو

سنڌي خبرون 04th May 2026 234 مناظر
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران ڊي سي آفيس جي برانچن جو دورو
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ڊي سي آفيس جي مختلف برانچن جو دورو ڪري اتي هلندڙ ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو۔ دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر عشر ۽ زڪوات آفيس پڻ پهتو، جتي هن ضلع ٺٽو جي چئيرمين عشر زڪوات مولوي عبدالڪريم شورو سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران مولوي عبدالڪريم شورو ڊپٽي ڪمشنر کي پنهنجي آفيس ۾ ايندڙ ماڻهن جي مسئلن، سهولتن جي کوٽ ۽ ٻين انتظامي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملي کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ