جمعرات، 17 ستمبر 2026
بریکنگ

کورواهه ڀرسان ڳوٺ عارو جت واسڻ نوجوان ناري مبينا زيادتي بعد ڳورهاري ٿي وئي

سنڌي خبرون 30th Apr 2026 250 مناظر
کورواهه ڀرسان ڳوٺ عارو جت واسڻ نوجوان ناري مبينا زيادتي بعد ڳورهاري ٿي وئي

7مهينا اڳ پڦي نوران گھر وٺي وئي هئي جتي ڪمري ۾ واڙي قاسم جت هٿان جنسي زيادتي ڪرائي: ناري جو الزام

کورواھ (رپورٽر) کورواھ جي ڳوٺ عارو جت جي رهواسڻ ارڙھن ساله امينه ڌيء ڀرو جت پنھجي پيء ڀرو ۽ ماء راڄي سان گڏ پريس ڪلب کورواھ پھچي الزام هڻندي چيو ته منھنجي پڦي نوران گھر جي ڪم ڪرائڻ بھاني سندس گھر وٺي وڃي گھر جا دروازه بند ڪري جوابدار قاسم جت ھٿان زبردستي زنا ڪرايو آھي،جنھن مان مونکي ست مھينن جو پيٽ ٿي ويو آھي،ھاڻي سخت پريشان آھيان،ھن چيو ته ظالمن منھنجي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آھي آئون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھيان، ان دوران ناري جي پيء ڀرو جت ۽ ماء راڄي صحافين کي روئي ٻڌايو تہ اسان غريب مسڪين آھيون، اسانجي نياڻي سان ظلم ٿيو آھي، نياڻي خوف ۾ ورتل آھي سندس پيٽ ظاھر ٿيڻ کانپوء جوابدار ظاھر ڪيا آھن،ھنن الزام هڻندي چيو ته جوابدر قاسم جت سندس ڀاء غلام رسول گھر اچي ھٿيار ڏيکاري چيو ته ڪنھن سان بہ ڪابه ڳالھ ڪئي يا ٿاڻي تي ويا ته اوھان کي ماري ڇڏينداسين، ھاڻي اسانکي جوابدار ڌر مان جان جو خطرو آھي،ھنن مطالبو ڪيو ته نياڻي امينہ جي زندگي تباھ ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف الزام ھيٺ آيل قاسم جت جي ڀاء غلام رسول جت جو چوڻ آھي ته منھنجو ڀاء قاسم ٽيھ سالن کان سندن گھر رھي ٿو،جنھن جو مون ڀرو وارن کي اڳ ئي چيو ته انکي پاڻ وٽ نه رھايو، آئون ڀاء قاسم کان لاتعلق آھيان،ڀاء قاسم تي الزام ھڻڻ جي ڪابہ خبر ناھي نه ئي مون ڪا ڌمڪي ڏني آھي. جڏھن ته کورواھ پوليس جو چوڻ آھي ته رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ويل آھي،وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ