ڪراچي: اينٽي اسٽريٽ ڪرائيم فورم پاران اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍي عون عباس نقوي جي مان ۾ تقريب منعقد

تقريب جي اڳواڻي اينٽي اسٽريٽ ڪرائم فورم جي چيئرمين، جسٽس آف دي پيس ايڊووڪيٽ سيد عثمان الحسن ڪئي

ڪراچي: اينٽي اسٽريٽ ڪرائيم فورم پاران اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍي عون عباس نقوي جي مان ۾ تقريب منعقد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لانڍي جهڙي گنجان آبادي ۽ مسئلن واري علائقي ۾ خدمت ڪرڻ يقيني طور تي هڪ وڏو چئلينج آهي، پر اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍي عون عباس نقوي پنهنجي انتھڪ محنت، بهترين حڪمت عملي ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان هن چئلينج کي چڱيءَ طرح سان پورو ڪيو. سندس بدلي کان پوءِ اينٽي اسٽريٽ ڪرائم فورم پاران سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ کيس شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب جي اڳواڻي اينٽي اسٽريٽ ڪرائم فورم جي چيئرمين، جسٽس آف دي پيس ايڊووڪيٽ سيد عثمان الحسن ڪئي، جنهن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عون عباس نقوي لانڍي جي ماڻهن جي ڏينهن رات خدمت کي پنهنجو مقصد بڻايو ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ هميشه اڳڀرو رهيو. ان موقعي تي ايس ڊي پي او لانڍي صفي الله ، ايس ايڇ او لانڍي قاضي صلاح الدين، ايس ايڇ او لانڍي سب ڊويزن محمد حنيف، وائيس چيئرمين عمر فاروق قادري، جنرل سيڪريٽري آصف ابراهيم ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري سيد رضوان الحسن، وائيس چيئرمين يو سي 6 عمير دراني، مشهور سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ نويد نور، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سيد دانيال حسن، سينئر ميمبر فورم ڪاشف بهلام، صدر ملير ڊسٽرڪٽ پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪاليجز رائو فهيم الياس، جنرل سيڪريٽري راجپوت ويلفيئر رائو محمد علي، نائب صدر راجپوت ويلفيئر رانا محمد خليل، ۽ جنرل سيڪريٽري خضري ڪميونٽي ويلفيئر ٽرسٽ منور حسين خضري، مدني فائونڊيشن جي سربراهه حاجي محمد شمشاد ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي. سڀني مقررين عون عباس نقوي جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هن نه رڳو لانڌي ۾ انتظامي بهتري آندي پر عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم به کنيا. پاڻي، صفائي، تجاوزات ۽ امن امان جهڙن اهم مسئلن تي سندس ڪوششون هميشه ياد رکيون وينديون. عوام سان سندس سڌو رابطو ۽ ميدان ۾ موجودگي هڪ مثالي آفيسر جي سڃاڻپ هئي. تقريب جي آخر ۾، سڀني شرڪت ڪندڙن عون عباس نقوي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جتي به هو پنهنجون ذميواريون نڀائيندو، اتي ساڳئي جذبي ۽ ايمانداري سان ڪاميابي حاصل ڪندو رهندو.