English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي پوليس هٿان مارجي ويل نويد مڱڻيجو واري واقعي خلاف هڱورجا ۾ ريلي
100 views
|
24th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڪراچي پوليس نويد مڱڻيجو سميت 5 نوجوانن کي جڙتو مقابلي ۾ بيگناهه قتل ڪيو آھي، جيڪو ظلم آھي: اڳواڻ
ھڱورجا (رپورٽر)ڪراچي پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل ھنڱورجا واسي نويد منڱڻيجو سميت 5 نوجوانن جي خون سان انصاف لاءِ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن پاران احتجاجي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو . مظاهرين پاران ڪوڙي پوليس مقابلي جي عدالتي جاچ ڪرائي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو تفصيل موجب نيو ڪراچي جي ڳوٺ خميسو ۾ 20 ڏينھن اڳ پوليس پاران ھنڱورجا واسي نوجوان نويد احمد منڱڻيجو سميت پنج نوجوانن کي ڦورو ڄاڻائي مقابلي ۾ بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي خلاف ھنڱورجا ۾ مختلف سياسي سماجي سھتا ۽ منڱڻيجا برادري جي ماڻھن کان سواء وڪيل برادري پاران گمبٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ منور شيخ ايڊووڪيٽ سعيد احمد منڱڻيجو، تاج محمد منڱڻيجو، ايڊووڪيٽ بشارت سھتو ۽ ايڊووڪيٽ بدر الدين منڱڻيجو. ڌرڻي بخش منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ مڇر چوڪ کان احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو، جيڪو مختلف رستن تان ٿيندو پريس ڪلب پھتو، جتي مظاھرين ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته ڪراچي پوليس نويد احمد منڱڻيجو سميت 5 نوجوانن کي بيگناھ قتل ڪيو آھي، جيڪو انتهائي ظلم ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي۔ هنن چيو ته نويد احمد منڱڻيجو ڪراچي ۾ ھڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ملازمت ڪندو ھو، ان کي گرفتار ڪرڻ بعد مبينا طور ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو۔جيڪو ظلم آھي ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي ماريو پيو وڃي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ذميوار پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مقتولن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔ ٻي صورت ۾ ڪراچي سي ايم ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jun 2026
•
سندھ
بین المذاہب ہم آہنگی اور محرم الحرام کے پرامن انعقاد کے لیے تمام مکاتبِ فکر کا تعاون ناگزیر ہے، نصراللہ عباسی
17th Jun 2026
•
سندھ
روٹری انٹر نیشنل ڈسٹرکٹ 3271 کی جانب سے شیخ امتیاز حسین پیس اینڈ کنفلکٹ ریزولوشن چیئر کو "ڈسٹرکٹ ایوارڈ" سے نوازا گیا
17th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جا نوجوان، بي روزگاري، ۽ موجوده سماجي بحران
15th Jun 2026
•
پاکستان
علامہ اقبال اوپن یونیورسٹی میں ترکش سمر کیمپ کا آغاز
17th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
جهرڪ ويجهو حادثي ۾ عورت معصوم ڌيءَ سميت فوت
17th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه ۾ پاڻي نه اچڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج
17th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ منشيات فروشي جو مبينا وڪرو جاري
17th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا ۾ ڳوٺ ڪينجھر مڱڻيجو واسين جو با اثر خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي پوليس هٿان مارجي ويل نوي
ويل نويد مڱڻيجو واري واق
0 تبصرے