سنڌ پوليس پاران عيدالفطر جي موقعي تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار

سنڌ پوليس پاران عيدالفطر جي موقعي تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عيدالفطر جي خوشيءَ واري موقعي تي سنڌ پوليس طرفان شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي ۽ خوشيون ونڊڻ لاءِ مختلف پوليس آفيسرن شهيد اهلڪارن جي گهرن جو دورو ڪري سندن خاندانن سان ملاقاتون ڪيون۔ان سلسلي ۾ شهيد اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد خان ابڙو جي گهر تي پوليس آفيسرن جي هڪ وفد حاضري ڀري۔ وفد ۾ ايس ڊي پي او بن قاسم، ايس ايڇ او بن قاسم، چوڪي انچارج نصيرآباد، هيڊ محرر بن قاسم ۽ انٽيليجنس آفيسر بن قاسم شامل هئاآفيسرن شهيد جي وارثن سان ملاقات ڪري کين عيدالفطر جون واڌايون ڏنيون ۽ يقين ڏياريو ته سنڌ پوليس پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي۔ان موقعي تي آفيسرن محبت ۽ احترام جي علامت طور شهيد جي وارثن کي مٺائي ۽ گلن جا گلدستا پيش ڪيا۔ وفد ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته شهيد اي ايس آءِ محمد خان ابڙو جي قرباني پوري پوليس کاتي لاءِ فخر جو باعث آهي ۽ سندس خاندان جي ڀلائي ۽ سارسنڀال سنڌ پوليس جي اولين ترجيح آهي۔ ملاقات جي آخر ۾ شهيد جي ايصالِ ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي۔ٻئي طرف ٿاڻو ميمڻ ڳوٺ، ضلع ملير ڪراچي ۾ پڻ اعليٰ آفيسرن ۽ ايس ايس پي ملير جي هدايتن تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو۔ ايس ڊي پي او ميمڻ ڳوٺ ۽ ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ جي هدايت تي ايڊيشنل ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر شعيب بلوچ ۽ هيڊ محرر فياض هوکيو شهيد اهلڪار عمران بابڙا جي گهر پهچي سندس وارثن سان ملاقات ڪئي۔ان موقعي تي آفيسرن شهيد جي وارثن کي گلن جا گلدستا ۽ مٺائي پيش ڪئي ۽ شهيد جي بلند درجن ۽ مغفرت لاءِ دعا گهري۔ وارثن سنڌ پوليس جي آفيسرن جو ٿورائتو اظهار ڪندي چيو ته پوليس کاتي طرفان اهڙي يادگيري ۽ ساٿ سندن لاءِ حوصلا افزائي جو سبب آهي۔