ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني لڳ سڪڻ ٿاڻي جي حد قاسم ٽائون ۾ مرد ۽ عورت جي قتل جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايت تي واقعي جي جاچ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون۔ سڪڻ پوليس ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن ڪلاڪن ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جن جي سڃاڻپ عرفان ۽ وحيد طور ٿي آهي۔ پوليس موجب عرفان مقتولا جو مڙس جڏهن ته وحيد سندس ڏير آهي۔ شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي جوابدارن گڏجي مرد ۽ عورت کي قتل ڪيو۔پوليس ڪارروائي دوران واردات ۾ استعمال ٿيل اوزار پڻ هٿ ڪري ورتو آهي۔ مقتولا جي سڃاڻپ عيدن جڏهن ته مقتول مرد جي سڃاڻپ صدر عرف شير دل طور ڪئي وئي آهي۔جاچ دوران جوابدارن غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي۔ پوليس موجب واقعي جو ڪيس سڄڻ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي۔پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ جاچيو پيو وڃي
0 تبصرے