English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھرڪ اسپتال اندر پيراميڊيڪل اسٽاف جي احتجاجي ڪئمپ، ايم ايس جي بدلي جو مطالبو
4 views
|
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو پڻ پنهنجن ساٿين سميت احتجاج ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو
ٺٽو (رپورٽ شفيق ڀٽي)جھرڪ رورل هيلٿ سينٽر ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف يونٽ پاران اسپتال جي بائونڊري وال اندر احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (ايم ايس) جھرڪ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ سندس فوري بدلي جو مطالبو ڪيو ويو۔ احتجاج ۾ پيراميڊيڪل عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔مظاهري جي اڳواڻي زاهد حسين جھرڪائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالحئي سومرو، محمد الياس سومرو ۽ ٻين ڪئي۔ ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو پڻ پنهنجن ساٿين سميت احتجاج ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔مظاهرين جو چوڻ هو ته ايم ايس جي انتظامي روين ۽ مبينا ناروا سلوڪ سبب عملي کي سخت ذهني دٻاءُ ۽ پيشه ورانه ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جا سڌا اثر اسپتال جي ڪارڪردگي ۽ مريضن کي ميسر سهولتن تي پئجي رهيا آهن۔ هنن اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو سنگين الزام هڻندي چيو ته موجوده ايم ايس جي اچڻ کانپوءِ اسپتال ۾ مريض بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔ هن مطالبو ڪيو ته ايم ايس کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ جھرڪ رورل هيلٿ سينٽر کي ايمبولينس سروس، دوائن جي فراهمي، صاف پاڻي ۽ بلڊ ليبارٽري سميت ضروري سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Jan 2026
•
شوبز
فلم ’’دھرن دھَر‘‘ کے اداکار گھریلو ملازمہ سے زیادتی کے الزام میں گرفتار
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
مقامی نظام لائیں یا نئے صوبے بنائیں: مفتاح اسماعیل
26th Jan 2026
•
شوبز
علینہ عامر کی مبينه نامناسب ویڈیو لیک، ٹک ٹاکر نے حقیقت بتا دی
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
ایک سال کے دوران سندھ سے 1727 بچے لاپتا، تحقیقاتی ادارے ناکام
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي جنھن انداز سان قتل ڪيو ويو آھي، اھو انتھائي سفاڪانہ آھي: اياز لطيف پليجو
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو بجلي جون تارون چوري
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شھباز ڳوٺ ۾ جعفري اتحاد طرفان وڪيل برادري جي مان ۾ آجياڻو
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ اٽو سستو نه ٿيو، اٽي چڪين تي ڇاپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو
جھرڪ اسپتال اندر پيراميڊيڪل اسٽاف
0 تبصرے