English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھرڪ اسپتال اندر پيراميڊيڪل اسٽاف جي احتجاجي ڪئمپ، ايم ايس جي بدلي جو مطالبو
261 views
|
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو پڻ پنهنجن ساٿين سميت احتجاج ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو
ٺٽو (رپورٽ شفيق ڀٽي)جھرڪ رورل هيلٿ سينٽر ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف يونٽ پاران اسپتال جي بائونڊري وال اندر احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (ايم ايس) جھرڪ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ سندس فوري بدلي جو مطالبو ڪيو ويو۔ احتجاج ۾ پيراميڊيڪل عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔مظاهري جي اڳواڻي زاهد حسين جھرڪائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالحئي سومرو، محمد الياس سومرو ۽ ٻين ڪئي۔ ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو پڻ پنهنجن ساٿين سميت احتجاج ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔مظاهرين جو چوڻ هو ته ايم ايس جي انتظامي روين ۽ مبينا ناروا سلوڪ سبب عملي کي سخت ذهني دٻاءُ ۽ پيشه ورانه ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جا سڌا اثر اسپتال جي ڪارڪردگي ۽ مريضن کي ميسر سهولتن تي پئجي رهيا آهن۔ هنن اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو سنگين الزام هڻندي چيو ته موجوده ايم ايس جي اچڻ کانپوءِ اسپتال ۾ مريض بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔ هن مطالبو ڪيو ته ايم ايس کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ جھرڪ رورل هيلٿ سينٽر کي ايمبولينس سروس، دوائن جي فراهمي، صاف پاڻي ۽ بلڊ ليبارٽري سميت ضروري سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ کے نوابوں سے پنجاب کی ترقی ہضم نہیں ہو رہی: عظمیٰ بخاری
23rd Jul 2026
•
شوبز
’’ہمارے نوجوان بھارت کے روشن مستقبل کے لیے لڑ رہے ہیں‘‘ سلمان، عالیہ اور دیگر فنکاروں نے طلبہ کی حمایت کر دی
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت مان واپسي دوران پيرسن قتل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مڪلي ويجهو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن جو افتتاح
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو
جھرڪ اسپتال اندر پيراميڊيڪل اسٽاف
0 تبصرے