احتجاج جي اڳواڻي زينت سمون، نصرت خاصخيلي، سيما جوڳي، زرينه بلوچ، ماروي خاصخيلي، عزيزه نوناري، عذرہ رند ۽ ٻين ڪئي
حيدرآباد(بيورو) سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد پاران عورتن جي قتل ۽ زيادتين جي واقعن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. جنھن جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، سيما جوڳي، زرينه بلوچ، ماروي خاصخيلي، عزيزه نوناري، عذرہ رند ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ چوٽياريون ۽ ٺل جا واقعا الڳ الڳ ڪيس ناهن، پر اهي پيپلزپارٽي جي عورت دشمن حڪومت جو نتيجو آهن. اڄ سنڌ ۾ نہ ڌيءَ محفوظ آهي، نہ ماءُ، نہ غريب، نہ مرد ۽ نہ عورت ڪو بہ محفوظ ناهي. زينت سمون چيو تہ سنڌ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي. چوٽياريون ۾ وڏيري جي پٽ وزير راڄڙ 14 ورهين جي ڌيءَ شاد بانو ملاح سان جنسي زيادتي ڪري بليڊن سان سندس جسم چيريو، جيڪا انسانيت کي شرمائيندڙ وحشت آهي. ٺل ۾ پوليس اهلڪارن نياڻي آسيا کوسو سان ٿاڻي جي حدن اندر اجتماعي زيادتي ڪئي، جنهن بعد وارثن کي ڌمڪيون ڏئي بيان تبديل ڪرايا ويا آھن. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ عزيزہ نوناري خطاب ڪندي چيو تہ پوليس تحفظ ڏيڻ بدران هاڻي قاتلن ۽ ڏوهارين سا ٻٽ بڻيل آهي چوٽياريون ۽ ٺل جا واقعا ثابت ڪن ٿا تہ پوليس قانون جي رکوالي نہ رهي، پر ڏوهارين جي ساٿي بڻجي وئي آهي. اينٽي ريپ ڪرائسس سيل، جيڪو عورتن جي تحفظ لاءِ ٺاهيو ويو هو، مڪمل طور غيرفعال آهي. قانون موجود آهي، نوٽيفڪيشن جاري آهن، پر عملي طور رياست عورتن کي غير محفوظ ٿاڻن، تشدد ۽ جنسي درندن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ نصرت خاصخيلي خطاب چيو تہ هي سماج هاڻي قانون سان نہ پر طاقت، دٻاءُ ۽ دهشت سان هلي رهيو آهي. هي حڪومت انصاف سان نہ ، پر مجرمن سان گڏ بيٺل آهي. هي نظام عورتن کي بچائي نٿو، پر قرباني جو ٻڪرو بڻائي ٿو. زرينہ بلوچ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ نياڻين جو اغوا، عورتن جو قتل ۽ زيادتيون معمول بڻجي ويو آھي. سنڌ ۾ نياڻين جو اغوا، عورتن جو قتل ۽ زيادتيون معمول بڻجي ويو آھي. سڌريل دنيا ۾ اھڙن واقعن تي حڪمران استعيفائون ڏئي ڇڏين ٿا پر وفاق ۽ سنڌ حڪومت بي خبر ۽ بي حس بنيل آھن. ڪنھن بہ واقعي جو نوٽيس نٿو ورتو وڃي.
0 تبصرے