سڄي دنيا ۾ ھر سال 22فيبروري تي اسڪائوٽس جو عالمي ڏينھنِ ملهايو ويندو آهي۔ هي ڏھاڙو صرف ڪا رسمي تقريب نه، پر هڪ اهڙي تحريڪ جي ياد کي تازو ڪرڻ لاء ملھايو ويندو آھي جنهن لکين نه پر ڪروڙين نوجوانن جي زندگين جو رخ تبديل ڪيو آهي۔ اسڪاؤٽنگ جي باني Robert Baden-Powell جي سالگرهه پڻ هن ئي ڏينهن ملهايي ويندي آهي، تنهنڪري هي ڏينھن هن تحريڪ جي عزم ۽ نظريي جي تجديد جو ڏينھن بڻجي ويو آهي۔
جڏهن اسين اسڪاؤٽنگ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ذهن ۾ سڀ کان پهرين نظم و ضبط، خدمتِ خلق ۽ اخلاص جو تصور اُڀري اچي ٿو۔ 1907ع ۾ شروع ٿيندڙ هي تحريڪ اڄ هڪ عالمي خاندان جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن جي نمائندگي World Organization of the Scout Movement ڪري ٿي۔ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود اسڪاؤٽ تنظيمون هن ئي پليٽفارم تحت نوجوانن جي تربيت ۽ ڪردار سازي ۾ مصروفِ عمل آهن۔
22 فيبروري جو ڏينھن اسڪاؤٽس لاءِ خاص اهميت رکي ٿو۔ هن موقعي تي مختلف ملڪن ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن، جهنڊو ڦڙڪايو ويندو آهي ۽ اسڪاؤٽس پنهنجي عهدي جي تجديد ڪندا آهن۔ 2026ع ۾ به هي ڏينھن ڀرپور انداز سان ملهايو پيو وڃي۔ ڪٿي وڻڪاري مهم جاري آهي، ڪٿي صفائي مهم ذريعي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته ڪٿي رت جي عطين ۽ فلاحي سرگرمين وسيلي انسانيت جي خدمت ڪئي پئي وڃي۔ نوجوانن جو جوش ۽ جذبو ڏسي اهو يقين وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ته مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي۔
اسڪاؤٽنگ جو سڀ کان خوبصورت پهلو عالمي ڀائيچارو آهي۔ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ، الڳ ثقافتن سان واسطو رکندڙ نوجوان هڪ ئي مقصد هيٺ متحد نظر اچن ٿا۔ هو سکندا آهن ته اختلافن باوجود هڪ ٻئي جو احترام ڪيئن ڪجي ۽ مشڪل وقت ۾ گڏجي ڪم ڪيئن ڪجي۔ اها ئي تربيت کين عملي زندگيءَ ۾ ڪامياب بڻائي ٿي۔
اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا کي امن، برداشت ۽ مثبت قيادت جي ضرورت آهي، اسڪاؤٽس تحريڪ اميد جي هڪ روشن مثال پيش ڪري ٿي۔ هي تحريڪ نوجوانن کي خود اعتمادي، ذميواري ۽ ايثار جو درس ڏئي ٿي۔ ننڍن ننڍن نيڪ عملن ذريعي سماج ۾ وڏي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، ۽ اسڪاؤٽس ان ڳالهه جو عملي ثبوت آهن۔
اسڪاؤٽس جو علمي ڏينهن 2026ع اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اسين سڀ خدمت، ايمانداري ۽ ڀائيچاري کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون، ته دنيا يقيناً هڪ بهتر جاءِ بڻجي سگهي ٿي۔ هي ڏينھن صرف ملهاڻ لاءِ نه، پر پنهنجي ڪردار ۽ عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ به آهي۔
0 تبصرے