عمرڪوٽ: پارومل پريمي پاران ڊسٽرڪٽ بار جي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

عمرڪوٽ: پارومل پريمي پاران ڊسٽرڪٽ بار جي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) نامور اديب ۽ سماجي اڳواڻ پارومل پريمي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ پهچي نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن نو منتخب صدر سينيئر وڪيل اظھر آرائين، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف مڱريو سميت ٻين چونڊيل باڊي جي ميمبرن کي اجرڪون پارائي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون. ملاقات دوران پارومل پريمي ڳالهائيندي چيو ته وڪيل برادري سماج ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل باڊي غريب، مسڪين ۽ بي وس ماروئڙن جي داد رسي ڪرڻ سان گڏ ظلم ۽ ناانصافي خلاف مضبوط آواز بڻجندي. هن چيو ته انصاف لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن کي اعليٰ عدالتن مان سندن حق دلائڻ لاءِ بار ايسوسيئيشن کي اڳڀرو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي نو منتخب صدر اظھر آرائين ۽ جنرل سيڪريٽري محمد يوسف مڱريو پارومل پريمي جو ٿورائتو ٿيندي چيو ته هو وڪيل برادري جي ڀلائي سان گڏ عام ماڻهن کي جلد ۽ سستو انصاف فراهم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا. هنن وڌيڪ چيو ته بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ قانون جي بالادستي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.