عمرڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي اهم ملاقات

پ پ اڳواڻ جنيد جکريجو، منٺار آريسر، مير آريسر ۽ عبدالرزاق بلوچ ڪرنا موري پهتا

عمرڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي اهم ملاقات

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي مٽياري جي انفارميشن سيڪريٽري جنيد جکريجو، پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري منٺار آريسر، پي ايس ايف سوشل ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سنڌ مير آريسر ۽ سبق صدر پي ايس ايف JPMC يونٽ عبدالرزاق بلوچ ،ڪرنا موري پهتا، جتي پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي عمرڪوٽ جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري تيمور هاليپوٽو طرفان سندن والهانا استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسين کي عام ڪرڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اجلاس ۾ خاص طور تي سوشل ميڊيا جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته جديد دور ۾ فيس بُڪ، ٽوئيٽر، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين ڊجيٽل پليٽ فارمن وسيلي پارٽي پيغام کي هر گهٽي ۽ هر نوجوان تائين پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي آواز رهي آهي، هاڻي انهيءَ آواز کي سوشل ميڊيا ذريعي وڌيڪ منظم، مثبت ۽ اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي، هنن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو پارٽي جي قيادت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جدوجهد ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي سوشل ميڊيا تي نمايان ڪن، ان موقعي تي مينيجر نيشنل بئنڪ جان محمد هاليپوٽو، هيڊماستر منظور علي هاليپوٽو، ڪلارڪ سيشن ڪورٽ محمد رحيم هاليپوٽو، احمد علي هاليپوٽو سميت ٻيا معزز شخصيتون پڻ موجود هيون، جن پارٽي اڳواڻن جي ڪوششن کي ساراهيو، اجلاس جي پڄاڻي تي اڳواڻن گڏيل طور اهو عزم ورجايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پيغام کي منظم سوشل ميڊيا مهم ذريعي عوام تائين پهچايو ويندو ۽ هر فورم تي عوام جي حقن جي جدوجهد جاري رهندي.