عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ۽ اسپيشل پرسن لاءِ ثقافتي تقريب منعقد

تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي

عمرڪوٽ ۾  ثقافتي ڏهاڙو ۽ اسپيشل پرسن لاءِ ثقافتي تقريب منعقد

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر ) سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء، ضلعي انتظاميه ۽ ڊپارٽمينٽ آف امپاورمنٽ آف پرسنز وِٿ ڊس ايبيليٽيز جي سهڪار سان ثقافتي ڏھاڙو ۽ اسپيشل پرسن لاءِ نجي گيسٽ ھائوس ۾ پروقار ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ مھمان خاص طور تي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ چيو تہ ثقافت جو ڏھاڙو امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏي ٿو سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء شاندار تقريب ڪرائڻ تي جس لھي، ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ خصوصي اسڪول جي ٻارن کي ثقافتي ڏهاڙي جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو مليو. سندس وڌيڪ چوڻ ھو تہ اھڙا صحتمند پروگرام منعقد ڪرڻ سان ئي معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ ناڪاري ڪردارن کي روڪي سگھجي ٿو. ان موقعي تي ان موقعي تي ضلعي آفيسر سيڪنڊري اسڪول مير حسن آريسر ۽ چيو تہ اسڪولن ۽ ڪميونٽي ليول تي صحتمند پروگرام پڻ ڪريا وڃن جن جي مقصد صحت ۽ تعليم جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ ھجي معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ سماجي براين جي روڪٿام بابت تدريسي پروگرام پڻ ڪريا وڃن. ان موقعي تي پرنسپال اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريھيبليٽيشن سينٽر پير راحيل شاھ ڪميونٽي ورلڊ ايشيا جي عمل ساراھ ڪئي انھن ھميشه اسان جي سينٽر جي مدد ڪئي آهي عمرڪوٽ ضلعي ۾ مختلف اين جيوز ڪم ڪن ٿيون پر خاص طور اسان جا ٻار ميڊم ڪرن بشير کي ڏسي سچاڻي وڃن ٿا،ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ميڊم ڪرن بشير چيو تہ پروگرام جو مقصد وطن عزيز ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي، روايتن ۽ سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ خاص اسڪول جي ٻارن کي پنهنجي ثقافت کان روشناس ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي تقريب ۾ سرگرم طريقي سان شامل ڪرڻ هو، ھن وڌيڪ چيو تہ ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء صحت ۽ تعليم جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. آخر ۾ پروگرام ۾ حصو وٺندڙ اسڪولي و خصوصي ٻارن ۽ سٺي پرفارمنس ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورھيا ويا۔ ان قريب ۾ صحت، تعليم, اطلاعات،اسپيشل ايجيوڪيشن, لوڪل گرونمنٽ آفيسرن سميت سماجي تنظيمن جي نمائندن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي