ٺٽي ۾ ڇتو چنڊ واسي سماجي اڳواڻ جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

برادري جي بااثرن طاقت جي زور تي زمين تي قبضو ڪيو آهي: اسلم ھيجب جاکرو

ٺٽي ۾ ڇتو چنڊ واسي سماجي اڳواڻ جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊر) ڇتوچنڊ جي رھواسي سماجي ورڪر اسلم ھيجب جاکرو پاران سندس زمين تي سندس برادري جي بااثر ماڻھن پاران طاقت جي زور تي قبضا ڪري ڳرين مشين ذريعي بند ڏيارڻ خلاف دانھيندي الزام ھڻندي اسلم ھيجب جاکرو چيو تہ يونين ڪائونسل ڇتوچنڊ جي ديھ ڪوهستان 7/3 کاڻو ڪس مڪان ۾ سندس 10 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي سندس برادري جي ايوب مولودي هيجب قبضو ڪري بند هڻائي پنھنجا هٿيار بند مانھون ويهاري ڇڏيا آهن. جيڪي اسانکي پنھنجي زمين تي بہ وڃڻ نٿا ڏين، ھن چيو تہ ايوب هيجب قبضا گير آهي، جيڪو غريبن جي زمين تي قبضا ڪندو رهي ٿو، جنھن خلاف ڪير بہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن وس وارن کان گھر ڪئي تہ سندس زمين تي ٿيل قبضو فورن ختم ڪرائي لڳل غيرقانوني بند ختم ڪرائي قبضاگير توڙي ان جي قبضي تي ويٺل ساٿاري ھٿياربندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين پنھنجو حق ڏنو وڃي، بئي صورت م سخت احتجاج ڪرڻ سميت انصاف لاء عدالت ۾ ويندس.