نوشهروفيروز(ڊر)هر سال جيان هن سال به ڳوٺ کاهي ممن ۾ ٽن ڏينهن واري اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي ويئي جنهن ۾ ”دي سوسائٽي فورم پري وينشن ۽ کيور آف بلانئينڊنس ڪراچي“ جي ڊاڪٽر ابرار حسين ۽ ڊاڪٽر مڪيش ڪمار پاران 920 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا جڏهن ته مريضن کي دوائون پڻ ڏنيون ويون۔ ڪئمپ ۾ اڳوڻي ايم پي اي سيد مراد علي شاهه يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت جي اڳواڻن منير احمد ميمڻ اعجاز ممنائي حاجي اعجاز سولنگي ۽ ٻين چيو ته اسان لاء خوشيء جي ڳالهه اها آهي ته هر سال انسانيت جي خدمت کي فرض سمجهي نڀائي رهيا آهيون جيستائين زندگي رهي تيستائين اهو سلسلو جاري رهندو۔ سيد مراد علي چيو ته هيء علائقو نه رڳو سماجي حوالي سان سرسبز آهي پر هر لحاظ کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو مان ميمڻ جماعت وارن کي جس ٿو ڏيان جيڪي تسلسل سان ڪيترن ئي سالن کان انسانيت کي نور جهڙي نعمت سان نوازي خدمت جو ڪم ڪري رهيا آهن۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هن ڀيري آپريشن واري سئو سيڪڙو رزلٽ ڏسي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ان لاء سموري ٽيم سان گڏ والنٽيئرز جا نهايت شڪرگذار آهيون جن جي تعاون سان هيء ڪئمپ ڪامياب رهي۔
0 تبصرے